آفاقيت (Universality) هڪ نظريو آهي جنھن موجب زندگيءَ ۾ اهڙن مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪجي، جن سان انسانيت جي ڀلائي ۽ فلاح ٿئي. 21 صديءَ کان هي نظريو تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ادبي حوالي سان آفاقيت جي معنيٰ آهي تہ ڪنھن اديب يا ادبي فنپاري جي اها خوبي، جيڪا هر دؤر ۽ هر ملڪ جي ماڻهن کي متاثر ۽ محظوظ ڪرڻ جي صلاحيت رکي. زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد فن يا فنڪار آفاقي هوندو آهي. جيئن: شاھ لطيف آفاقي شاعر آهي ۽ ’شاھ جو رسالو‘ آفاقي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. اهڙيءَ ريت شيڪسپيئر جا ڊراما، سعديءَ جو ”گلستان“ ۽ ”بوستان“، جو ”شڪنتلا“ وغيره جيڪي ڪنھن خاص هنڌ ۽ دؤر ۾ چيا يا لکيا ويا مگر دنيا جي هر خطي لاءِ انھن جي فني ۽ فڪري افاديت هڪجھڙي آهي. اهي آفاقي لکڻيون هونديون آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.