شمشاد علي مغل ولد رسول بخش مغل 1962ع ۾ ڄائو. بي . اي، ايم . اي اڪنامڪس ۾ ڪيائين. سياست جي شروعات 1978ع ۾ پ پ پ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪيائين . ان کانپوءِ 1987ع ۾ پ پ ڇڏي، جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ان کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر بہ رهيو. پوءِ ڪن نظرياتي اصولن تي اختلاف جي ڪري، ترقي پسند پارٽيءَ کي 1997ع ۾ خيرباد چئي، 2000ع ۾ ڊاڪٽر دودي مھيريءَ سان گڏ ايس . اين . پي يعني سنڌ نيشنل پارٽيءَ جو بنياد وڌائين . ان کانپوءِ ’جسنپ ‘ يعني جيئي سنڌ نيشنل پارٽيءَ جو بنياد وڌائين، جنھن جو پاڻ چيئرمين هو. هن سياسي سفر ۾ چوڏهن سال روپوش ۽ نَوَ سال مختلف وقت تي جيلن ۾ رهيو .[1]

حوالا سنواريو