آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان اسپتال حيدرآباد آغا خان يونيورسٽي اسپتال ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ هلندڙ هن اسپتال جو مڪمل نالو آغا خان ميٽرنٽي اينڊ چائلڊ ڪيئر سينٽر آهي . هيءَ اسپتال 1989ع ۾ قائم ٿي ، جنهن جو افتتاح پرنس ڪريم آغا خان ڪيو . هن اسپتال ۾ مناسب معاوضي عيوض ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ مختلف سھوليتن جو انتظام ٿيل آهي . آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو پھريون مرڪز سلطان آباد (ٽنڊي الھيار) تعلقي ۾ 1956ع ڌاري قائم ڪيو ويو . ٻن سالن کان پوءِ آغا خان ميٽرنٽي هوم حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ قائم ٿيو . ٻار ڄمڻ دوران سامھون ايندڙ پيچيدگين کي نظر ۾ رکندي، آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان 1989ع ۾ هن اسپتال جون خدمتون شروع ڪيون ويون . موجود وقت ۾ هيءَ اسپتال حيدرآباد جي بھترين اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ڄامشورو روڊ تي قاسم چوڪ کان اڳيان آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ آغا خان اسپتال حيدرآباد : (Sindhianaسنڌيانا)،انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.