آغا ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي آقا يا سائين، ڌڻي، مالڪ، سردار يا وڏو ڀاءُ . عام طور آغا وڏي ڀاءُ لاءِ ڪتب ايندو آهي. ھي لفظ لقب طور بہ ڪم ايندو آهي. سنڌ جون ڪي پٺاڻ ذاتيون پڻ آغا سڏائينديون آهن. ڪيتريون نامور شخصيتون آغا جي نالي سان مشهھور آهن، جهڙوڪ؛ آغا غلام نبي پٺاڻ، آغا جان محمد خان، آغا بدرالدين دراني، آغا سليم، آغا سراج دراني، آغا نور محمد پٺاڻ، آغا محمد اسماعيل، آغا تاج محمد وغيره. حيدرآباد، سنڌ جي ٽنڊن مان هڪ کي "ٽنڊو آغا" سڏيندا آهن.[1]

آغا