جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر بہ هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جن وٽان شاعريءَ جا سخن وغيره سکيائين. سندس ڪلام تقريبن مذهبي موضوع تي چيل آهي. نعت گوئي ۽ حمديہ نظم تي کيس ملڪو حاصل هو.
سندس ڪلام ۾ اصلاحي پھلو بہ نمايان ملي ٿو. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ بہ متحرڪ رهيو ۽ سندس شعلہ بيان تقريرن کيس مشھوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ بہ الحاج پير صاحب سائل هالائي جي سنگت ۾ڇهہ سال سرگرم رهيو. سندس جواني جي زماني ۾ ”احوال احمدي“ ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت تي لکيائين. سندس اهو ڪتاب انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس مقالن جو مجموعو بہ آهي.[1]

حوالا سنواريو