ناليواري اديب، ايڊيٽر، مترجم ۽ نقاد ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جونالو ڊاڪٽر اسلم فرخي آهي، جيڪو مشهور اديب، شاعر، محقق، ٻوليءَ جو ماهر ۽ براڊ ڪاسٽر آهي.

آصف اسلم فرخي

فرخي حبيب يونيورسٽي ۾
پيدائش آصف اسلم فرخي
16 September 1959
قوميت پاڪستاني
تعليم MBBS, MPH
مادر علمي ڊائو يونيورسٽي آف ھيلٿ سائنسز
ھارورڊ يونيورسٽي[1]
پيشو ڊاڪٽر ۽ليکڪ
شھرت جو ڪارڻ 1995 ۾ وزيراعظم جو ادب لاءِ ايوارڊ
تمغہ امتياز
ماءُپيءُ اسلم فرخي

تفصيلي تعارف سنواريو

آصـف فـرخــي سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول، ڪراچي مان ميٽرڪ، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ڪراچيءَ مان ميڊيسن ۾ ۽ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا مان پبلڪ هيلٿ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هن 1985ع کان 1994ع تائين آغا خان يونيورسٽيءَ جي پبلڪ هيلٿ شعبي ۾ پروفيسر جان. ايڇ بريانٽ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي. هن جا افسانا ۽ تنقيدي مضمون وڏي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪيترن ئي اهم سنڌي ڪتابن جو انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ ناليواري سنڌي شاعره عطيه دائود جي شاعري به شامل آهي. ان جو هن انگريزيءَ ۾ “Raging To Be Free” جي نالي سان 1995ع ۾ ترجمو ڪيو. آصف فرخيءَ اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪيترين ڪهاڻين جو ترجمو: ”Fires In An Autumn Garden“ جي عنوان سان، شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو اردو ترجمو: ”دانش اياز“ جي عنوان سان (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ)، شيخ اياز: شخصيت اور فن (ترتيب) ”ذڪر اياز“ (1999ع) جي عنوان سان ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ) ”The Storm’s Call For Prayers“ (1999ع) جي عنوان سان ڪيو آهي. سندس محنتن تي کيس ”تمغهء امتياز“ ۽ ”وزير اعظم ادبي انعام“ به ملي چڪا آهن. هي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ادبي مضمون به لکندو رهيو آهي. سندس چونڊ ڪيل ڪهاڻين جا ڇهه ۽ ادبي تنقيد جا 02 ڪتاب ڇپيل آهن. اردو ادبي رسالو ”دنيا زاد“ جاري ڪيو اٿس، جنهن جا ويهارو کن شمارا اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر آصف فرخي ڪراچيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي تنظيم جي پبلڪ هيلٿ شعبي سان لاڳاپيل آهي.[2]