آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ننڍي ڌيءَ آهي. سندس جنم 1992ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو. هوءَ چئن سالن جي مس هئي ته سندس والد آصف علي زرداريءَ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو 2004ع تائين جيل ۾ رهيو. آصفه جي تربيت ۽ پرورش سندس امڙ ڪئي. هوءَ والد جي شفقت کان محروم رهي. جڏهن آصفه جي والده محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ اليڪشن مهم دوران 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي لياقت باغ جلسي ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ سندس تدفين ڳڙهي خدابخش ۾ ٿي. پهريون ڀيرو آصفه عام ماڻهن جي سامهون آئي. 2008ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري پنهنجي وڏي نياڻي بختاور کي پيپلز پارٽي جي عورتن واري ونگ جو سربراهه مقرر ڪيو ته ان موقعي تي هن آصفه کي پ پ پ يوٿ ونگ سنڀالڻ لاءِ پڻ همٿ افزائي ڪئي.[1]