آشرم واسين ڏانهن

ڪتاب آشرم واسين ڏانهن مھاتما گانڌيءَ جي يرودا جيل مان لکيل خطن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو ڪراچيءَ مان 1935ع ۾ ڇپيو هو ۽ هي اُن جو ٻيو ڇاپو آڪٽوبر 1985ع ۾ گوپال گربخشاڻيءَ شانتي نڪيتن، سوامي وويڪانند روڊ، کار بمبيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. 1940ع واري لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ واري تحريڪ جي ڊانڊي مارچ کان پوءِ مھاتما گانڌيءَ کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري پوني جي ويجهو يرودا جيل ۾ رکيو هو ۽ اتان هر هفتي مهاتما گانڌي سابرمتي آشرم جي سيڪريٽريءَ کي ”آشرم واسين ڏانهن“ هڪ خط لکي موڪليندو هو. جن خطن مان ٽي ڪتاب ”يرودا مندر مان“ (1930ع)، ”گيتا ٻوڌ“، (1934ع) ۽ ”آشرم واسين ڏانهن“ (1935ع) تيار ڪرائي ڇپايا ويا.
هن ڪتاب يعني ”آشرم واسين ڏانهن“ تي مهاتما گانڌيءَ جي پياري سيڪريٽريءَ آنند طوطا رام هنگوراڻيءَ لکيو آهي.
هن ڊيمي سائيز جي 84 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 10 رپيا آهي، هن ڪتاب ۾ سچ، اهنسا، گيتا ڄاڻ، علم ۽ عمل بابت خيال ۽ ويچار شامل آهن.[1]

حوالا سنواريو