آشرم
ساڌن ۽ سنياسين جي رھڻ جي جاءِ ، جنهن کي ”ڪٽيا“ ۽ ”مڙهي“ به چئبو آهي. سنڌي لفظ ”آسڻ“ به آشرم جي ٻي صورت معلوم ٿئي ٿو. ان کان سواءِ برهمڻ جي جيوت جي منزل کي پڻ آشرم چئبو آهي. آشرم چار ٿين ٿا، (1) برهمچاريه، جيڪي پوڄا جي خيال وارا ٿيندا آهن، جن کي آديسي، صوفي ۽ طلبگار به چئبو آهي. (2) گرهستي، جيڪي گهر تڙ وارا ٿيندا آهن. اهي دنيا سان لڳ لاڳاپا ۽ وهنوار رکندڙ آهن. (3) سنياسي، جيڪي وري دنيا کان لاتعلق ٿيندا آهن، انهن کي ”تياڳي“ به چئبو آهي. (4) وان پرست، جيڪي ويدانتي علم جي جاکوڙ لاءِ شاگردي اختيار ڪندا آهن.[1]