آسين
آسين ٿوٽمڪال (انگريزي: Asin Thottumkal)، پيدائش 26 آڪٽوبر 1985ع)، عام طور تي آسين جي نالي سان ڄاتي ويندڙ، اڳوڻي ھندوستاني اداڪارا آھي جنھن ھندي، تامل ۽ تيلگو فلمن ۾ ڪم ڪيو. ھيءَ ھڪ تربيت يافتہ ڀَرَت نَتيام ناچڻي آھي[1]. ھن ٽي فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيا آھن. ھن ڏاکڻي ھندوستاني فلمي صنعت ۾ اداڪاريءَ سان پنھنجو پيشو شروع ڪيو پر پوءِ سندس توجھ باليووڊ ڏانھن مُنتقل ٿي ويو[2]. کيس اَٺن ٻولين تي عُبور حاصل آھي[3] ۽ ھيءَ پنھنجين فلمن کي ٻين ٻولين ۾ آواز (Dub) پاڻ ڏيندي آھي[4]. 2007ع ۾ کيس آنلائين پورٽلن پاران "ڪاليووڊ جي راڻيءَ" جو درجو ڏنو ويو.[5]
آسين | |
---|---|
آسين 2013ع ۾ | |
پيدائش | آسين ٿوٽمڪال آڪٽوبر 1985 (عمر 39 سال) ڪوچي، ڪيرالا، انڊيا. |
مادر علمي | ايس ٽي. ٽيريساز ڪاليج |
پيشو | اداڪارا، ماڊل، ناچڻي. |
سَرگَرمُ سالَ | 2001–2015 |
جيون ساٿي | راھل شرما (شادي: 2016ع) |
ٻار ٻچا | 1 |
اعزاز | ڪالائيمامني فلم فيئر ايوارڊ |
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "Asin’s classical avataar - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 2021-12-28.
- ↑ "I want to work with younger actors of my generation: Asin - Times Of India". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-28.
- ↑ "Asin busy in learning German". Desimartini. حاصل ڪيل 2021-12-28.
- ↑ "Biography: Asin Thottumkal | Meen Curry". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-28.
- ↑ Shankar, By: Settu. "Top 5 heroines of the year 2007: Asin easily topples all!". https://www.filmibeat.com. حاصل ڪيل 2021-12-28. External link in
|website=
(مدد)