آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي (ڪتاب)

هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامور شاعر ارجن ”حاسد“ (Arjun Haasid) لکيو آهي، جيڪو ساهيته اڪادمي، نئين دهليءَ پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن 182 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي ابتدا ۾ ارج ”حاسد“ 20 صفحن جو تفصيلي مواد لکيو آهي، جنهن ۾ غزل، ان جي فن، سنڌي غزل (Sindhi Gghazal) جي مختصر ڄاڻ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ لکيل سنڌي غزل جو ڀرپور جائزو ورتو آهي. آزاديءَ کانپوءِ لکيل سنڌي غزلن جي هن چونڊ يا ائنٿالاجيءَ ۾ 54 شاعرن جا غزل ڏنل آهن، جن ۾ هري دلگير (Hari Dilgeer)، هوند راج (Hoand Raaj)، دکايل (Dukkhayal) ۽ شريڪانت ’صدف‘ (Shrikaant Sadaf) لتا هٿلياڻي ’هجاب‘ (Lataa Hathliyanni Hijaab) ۽ ونود آسرداڻي“ (Winod Aasraanni) تائين شاعر اچي وڃن ٿا.[1]

سنڌيءَ ۾ عزل تي پهريون ڪتاب سنواريو

سنڌيءَ ۾ غزل تي پهريون ڪتاب آخوند گل محمد جو آهي. [2]

حوالا سنواريو