آرڊيننس 20 (انگريزي ٻولي: Ordinance XX) ھڪ قانوني آرڊيننس آھي جيڪو اڳوڻي پاڪستاني صدر جنرل محمد ضياء الحق جي سربراھيء ۾ حڪومت پاڪستان, پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو۔ ھن قانون جو مقصد احمديه جماعت جي پيروڪارن تي ڪجهه پابنديون مڙھڻ ھو۔[حوالو گهربل] ھن قانون سان احمديہ جماعت جي پيروڪارن جي پنھنجو پاڻ کي مسلمان ظاھر ڪرڻ ڏوھ قرار ڏنو ويو۔ ھنن جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي مسلمان چوڻ، اسلامي طريقي سان سلام ڪرڻ، ۽ ٻين ڪيترن ئي اسلامي اصطلاحن جو استعمال منع قرار ڏنو ويو۔[حوالو گهربل]

ھن قانون جي ذريعي پاڪستان جي فوجداري ضابطہ جي شق 298 ۾ ٻن حصن جو اضافہ ڪيو ويو آھي۔

298-B سنواريو

1۔ ھن شق جي مطابق "قادياني گروھ يا لاھوري گروھ جي ڪنھن رڪن کي جيڪو پاڻ کي 'احمدي' يا ڪنھن ٻي نالي سان پڪاري" جي لاءِ ممنوع قرار ڏنو ويو آھي تہ ھو (الف) ڳالھائي، لکي يا ڪنھن ٻي طريقي سان ڪنھن خليفي يا آنحضور ﷺ جي ڪنھن صحابي کان علاوہڍه ڪنھن کي ""امير المومنين" يا "خليفہ المومنين" يا "خليفہ المسلمين" يا "صحابی" يا "رضي الله عنه" چئي۔ (ب) آنحضور ﷺ جي گھروارين کان علاوه ڪنھن کي "ام المومنين" چئي۔ (ج) آنحضور ﷺ جي خاندان جي اھل بيت کان علاوہڍه ڪنھن کي "اھل بيت" چئي۔ (د) پنھنجي عبادت گاھ کي "مسجد" چئي۔

انھن سڀني امرن جي لاءِ اھڙو ڪرڻ وارو احمدي ٽن سال تائين قيد ۽ جرماني جي سزا جو حقدار ٿيندو۔

2۔ ھن شق جي مطابق "قادياني گروھ يا لاھوري گروھ جي ڪنھن رڪن کي جيڪل پنھنجو پاڻ کي 'احمدي' يا ڪنھن ٻئي نالي دسان پڪاري" پنھنجي عبادت جي لاءِ سڏڻ جي طريقي کي "اذان" چوڻ مسلمانن جي طريقي تي اذان ڏيڻ جي صورت ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ جرماني جي سزا جو حقدار ھوندو۔

298-C سنواريو

ھن شق جي تحت احمدي چورائڻ وارن جي لاءِ خواھ ھو قادياني فريق سان تعلق رکن يا لاھوري فريق سان، قرار ڏنو ويو تہ جيڪڏھن ھو پنھنجو پاڻ کي "سڌو سنئون يا بلواسطہ" مسلمان چون يا پنھنجي مذھب کي اسلام چون يا پنھنجي مذھب جي اشاعت يا تبلیغ ڪن يا ڪنھن بہ طريقي تي مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪن تہ انھن سڀني صورتن ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ جرماني جا مستحق ٿيندا۔

پڻ ڏسو سنواريو