آذر زوبي (عنايت الله)

آذر زوبي 28 آگسٽ 1922ع ۾ قصور ۾ پيدا ٿيو. هي مشهور نامور مصور، مجسمه ساز، ڊيزائينر، اديب، مصنف ٿي گذريو آهي. هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هو آرٽس اينڊ ڪرافٽس انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۽ اسڪول آف ڊيڪور ڪراچي جو باني ۽ پرنسپل رهيو. ان کانسواءِ ريپلڪا اسٽوڊيو ۽ رسالي ”شعور“ ڪراچي جو باني پڻ هو. هن 1 سيپٽمبر 2001ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچي ڊفينس قبرستان ۾ آهي.[1]