آدم خان پنهور، ضلعي جيڪب آباد جي هڪ ڳوٺ ۾ 1908ع ۾ ڄائو. هي پنهور قبيلي جو سردار ۽ پڳ ڌڻي هو. آدم خان جي ڏاڏي مُلا حامد، جيڪب آباد جي اندرئين علائقي ۾ ٿوري زمين خريد ڪئي ۽ سمورو قبيلو لڏي جيڪب آباد اچي ويٺو. تحريڪ پاڪستان ۾ سرجوشيءَ سان حصو ورتائين. 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ کي جيڪب آباد مان کٽرائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلم ليگ ضلعي جيڪب آباد جو نائب صدر چونڊيو ويو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو به ميمبر ٿيو. مقامي جرڳي جو صدر هو. جيڪب آباد ۾ هڪ مسافرخانو ٺهرايائين. هر قومي فنڊ ۾ پنهنجي حال موجب حصو ڏيندو هو. کيس شڪار ۽ گهوڙي سواريءَ جو گهڻو شوق هو. 1958ع ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو