آخوند محمد حسن مسڪين
محمد حسن مسڪين[1] ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو ھو، جتان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. شڪارپور ٽريننگ ڪاليج مان ھڪ سال سکيا وٺڻ کان پوءِ استاد مقرر ٿيو. زندگيءَ جا 37 سال ملازمت ۾ رھي، 12 مئي 1959ع تي پينشن تي لٿو.
پاڻ ھڪ پرائمري استاد ھو، سندس علمي وسعت عالمن کان گھٽ نه ھئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغل رھيو. ”مسڪين“ (Miskeen) تخلص سان ڪافي ڪلام چيل اٿس. نظم سان گڏ نثر ۾ به چڱو موکيائين. سندس ڇڏيل تصنيفن ۾، ”فقه“ ،”احاديث نبوي“ ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو تفسير ۽ شرح“ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس وفات 72 سالن جي عمر ۾ 11 آگسٽ 1976ع 15 شعبان 1392ھ تي ٿي، سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“سنڌي زبان جو سٺو شاعر، اديب ۽ استاد آھي.