آخري اُميد (ڪتاب)

اسلامي موضوع تي لکيل هي ناول سنڌ جي سدا حيات ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو آهي، جنهن کي تمام گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. هي ناول سورهن بابن تي مشتمل آهي ۽ پهريون ڀيرو 1940ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلي، اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد ۽ ميرپورخاص پاران شايع ٿيو. هن جو ٻيو ڇاپو 1944ع ۽ ٽيون ڇاپو 1946ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي محمد عثمان ڏيپلائي جي لائق فرزند محمد علي ڏيپلائيءَ جو تفصيلي جائزو به لکيل آهي.[1]

حوالا سنواريو