گهر جو اهو حصو، جنهن ۾ ويهي عورتون آڳاٽي وقت ۾ سُٽ ڪتينديون هيون، جتي اوڙي پاڙي جون عورتون به اينديون هيون.[1]

سُٽ ڪتڻ جا جدا جدا مرحلا هئا، پهرين ڦٽيون ٽاڻي، ڪڪڙا ۽ ڪپهه جدا ڪرڻ، پوءِ ڪپهه مان پها ۽ پوڻيون ٺاهڻ، جن مان پوءِ سُٽ ڪتڻ ۾ آساني ٿيندي هئي. سُٽ، چرخي تي ڪتبو هو. پُوڻي هڪ هٿ ۾ کڻي ائٽ کي ڦيرو ڏبو هو ته ڦَڪ ڦرندي هئي، جنهن جي چهنب ۾ ڪپهه جي پوڻي ڏيڻ سان تند ٺهڻ شروع ٿيندي هئي. آتڻ ۾ ٺهيل سُٽ دڪاندار کي وڪرو ڪبو هو، يا ڪپڙي اُڻڻ لاءِ ڪوريءَ کي ڏبو هو.

حوالا سنواريو