گھر

ڪنھن فرد، خاندان، يا ڪنھن قبيلي ۾ خاندانن پاران مستقل يا عارضي رھائش لاءِ استعمال ٿيندڙ جڳھ. اھو ڪجھ بہ ٿي سگھي ٿو جھڙوڪ گھر، جھوپڙي، اپارٽمي
(گهر کان چوريل)

گھر (Home) اهڙي جڳھ کي چئبو آهي جتي ڪنهن ماڻهو ۽ ان جي رهڻ، سمهڻ، آرام ڪرڻ، کاڌو پچائڻ، وهنجڻ ۽ ملڻ جلڻ جو بندوبست هوندو آهي. هي هڪ عام انسان جي پناھ گاھ آهي.گھر بنیادي طور تي عورت جي ایجاد آهي. گھر ملڪ جي شهر جو یا ڳوٺ جو بنیاد آهي. گھر همیشہ کان انسان جي لاء اهم رهيو آهي.جنهن وٽ گھر نہ هوندو آهي اهو هر وقت انکي حاصل کرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهندو آهي انجي ڪري ابراهم ایڇ میزلو گھر کي انسان جي بنیادي ضرورت قرار ڏنو آهي.

گھر

گهر اِنسان جو پهريون مڪتب آهي ۽ اِهو ئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي جيوت مِرن وانگر ڪاٽين ها، ته نڪي هجن ها گهر گهاٽ، نڪي مٽيون مائٽيون؛ خود ماءُ پيءُ سان به ناتو ڪونه هجي ها، جيئن وهٽن ۽ ڪتن ٻلن جو ڪونهي. گهر آهي ئي زال سان، جنهن تي گهر جهلڻ جو بار آهي، جنهنڪري اڄ تائين ”گهر واري“ معنيٰ زال يا جوءِ. خود ”گهر“ لفظ جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”زال يا جوءِ“. مثلاً ”فلاڻو پهريون گهر يا ٻيو گهر پرڻيو“. هتي ”گهر“ معنيٰ زال يا جوءِ. زال يا جوءِ به اُها جنهن سان لائون لڌل هجن. مطلب ته گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي.[1] گھر کي انگريزي ۾ ھائوس چوندا آهن، جيڪو پراڻي انگريزي جي لفظ ھس (hus) مان رھائش، ڇپر ۽ ڇانورو. لفظ ھس پراڻي انگريزيءَ ۾ وري پروٽو جرمن لفظ ھسن (husan) مان نڪتل آهي

رگ ويد ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪيئن جوڙيندا هئا؛ پر اٿرو ويد جي منڊل نائين مان اهو پتو پوي ٿو. گهر لاءِ ڪو چڱو پَٽ چونڊي اُن جي چئن ڪُنڊن تي چار ٿنڀا ڪندا هئا، ۽ مٿان ڪامون رکندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪي منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل نائون 3). انهيءَ سبب اڄ تائين ڪامن چاڙهڻ مهل پوڄا ڪرائيندا آهن، ۽ مٺائي ورهائيندا آهن. ڇت لاءِ بانس جون لڙهيون ڪم آڻيندا هئا، ۽ انهن جي مٿان پکا وڇائيندا هئا، ته ڇت ۾ سنها سنها سوراخ ڄاريءَ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جي پوءِ لِنب ڇنب ۾ ڍڪجي ويندا هئا. ٽيڪن ۾ به بانسن جون لڙهيون ۽ ٻُندَ هڻندا هئا. لڙهين ۽ ٻُندن جي وچ ۾ جيڪي خال رهندا هئا، تن ۾ گاهه جا مچا وجهي، پوءِ لنبي ڇڏيندا هئا. ڇت کي ٻنو رکندا هئا. اهو ٻنو اڄ تائين رکبو آهي، ته کُڏ تي بيٺل ماڻهو ڪري نه پوي. مطلب ته گهرن جوڙڻ جو نمونو اهو ساڳيو هو، جو هينئر به ٻهراڙين ۾ عام آهي. گهر گهر کي چار ڀتيون هونديون هيون (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 377)، پر ڪي گول جهوپڙا به جوڙيندا هئا، جن کي ”چؤنرا“ چئبو آهي (اٿرو ويد. منڊل ٽيون 12، 5). گهر ۾ پٽ تي تڏا وڇائيندا هئا ۽ ڪي گاهه پکيڙي ڇڏيندا هئا، (رگ ويد، منڊل نائون 59، 3).
هرهڪ گهر ۾ اڪثر چار ڪوٺيون هونديون هيون:
(1) هڪڙي ”سَدَسَ“ (Sadas) يعني وهڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هيءَ هڪ عام صفو هوندو هو، جنهن ۾ سڀ گهر جا ڀاتي مڙي سڙي اچي وهندا هئا، ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا.
(2) ٻي ڪوٺي ”پتني نام سدن“ سڏبي هئي، جنهن جي معنيٰ آهي زالن جي وهڻ لاءِ ڪوٺي. هيءَ ڪوٺي انهيءَ لاءِ هئي ته زالون ان ۾ پوشيديون ويٺيون هجن.
(3) ٽين ”اگني شالا“ يا باهه جي ڪوٺي هئي. اهو هو رنڌڻو، جنهن ۾ يگيه جي اگني به دکائيندا هئا، انهيءَ پوڄا واري ٽڪر کي ٻنو ڏنل هوندو هو، جنهن ڪري رنڌڻي کان الڳ هوندو هو؛ پر ڪوٺي ساڳي هوندي هئي، جنهنڪري رنڌڻو پوتر اسٿان ليکيو ويوآهي. هندو ماهو اڄ تائين رنڌڻي۾ جُتي پائي ڪونه ويندا آهن.
(4) چوٿين ڪوٺي هئي ”هويرڌان“ (Havirdhana). اها سيڌي پاڌي رکڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هون هوم جون شيون به ان ۾ رکندا هئا.
انهن صفن ۽ ڪوٺين کان سواءِ هڪ ”آوسٿ“ يعني بيٺڪ يا اوطاق جي؛ جنهن بابت عالمن جو چوڻ آهي ته اها مهمانن لاءِ جاءِ هئي، خاص طرح براهمڻن لاءِ، جي ڪنهن ڪارج منگل تي اچي ڪٺا ٿيندا هئا. (ويدڪ انڊيڪس، 1، 6). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اوطاقن جو دستور ويدن واري زماني کان هلندو اچي. ڪي ڀائيندا آهن ته اوطاقن جو رواج مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ پيو، سا غلط ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٽي ڀائر سگهرا هوندا هئا، ته هنن لاءِ ضروري ڌار ڌار ڪوٺيون هونديون، پر اهڙو ذڪر اٿرو ويد ۾ ڪونهي. هرهڪ گهر جا ٻه ”پک“ (Wings) هوندا هئا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته گهر جي اڳيان ورانڊو يا دالان هوندو هو، اهو ”پروشٿ“ سڏيو ويو آهي. دالان جا ٿنڀا ڪاٺ جا هوندا هئا، جن تي شڪليون اُڪريل هونديون هيون – ڪن ٿنڀن تي ٻن ڀورين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي – اها ڳالهه رگ ويد جي منڊل چوٿين (32، 33) ۾ ڄاڻايل آهي: مطلب ته گهر جي مهڙ وارو يعني ورانڊي جو اڳيون پاسو سهڻو جوڙيندا هئا، ته جاءِ پريان ئي وڻڻ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي. هن وقت جاين جي اڳيان ”اڱڻ“ رکبو آهي. اهو اصل ۾ آهي ويدڪ لفظ ”آنگن“. جيڪو ٻاهران ايندو هو، سو اَڱڻ مان لنگهي، اول دالان ۾ ويندو هو ۽ پوءِ صفن ۾ گهڙندو هو. ـ اڱڻ“ لفظ جي تنهنڪري بنيادي معنيٰ آهي ”جنهن ۾ هلجي يا پنڌ ڪجي“. هن مان سمجهجي ٿو ته صبح يا سانجهيءَ جو، يا رات جو ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ ۾ پسار ڪندا هئا ۽ اڱڻ رکڻ جي اصل مراد ئي اها هئي. هرهڪ گهر جي ٻاهران لوڙهو ڏنل هوندو هو (رگ ويد، 59، 6). سڄيءَ جاءِ کي چوندا هئا ”شالا“ يا ”گهر“، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گرهه“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو قبضي ۾ هجي“. هن مان ظاهر آهي ته گهر جي سموري زمين ماڻهن جي خلاصي ملڪيت هوندي هئي، ۽ پنجاهه سٺ يا نوانوي سالن جي پٺي تي زمين مليل ڪانه هوندي هين، جيئن هينئر آهي![1] قديم زماني کان وٺي هندن ۾ اهو رواج آهي ته نئين جڙيل جاءِ ۾ وهڻ مهل هون هوم ڪندا آهن ۽ براهمڻن ۽ ساڌ فقيري کارائيندا آهن. انهيءَ کي ”ٿان شڌ“ چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٿان يا اسٿان شڌ (پوتر) ڪرائڻ“. ان وقت ججهو ڌن لٽيندا آهن، تنهنڪري ”ٿان سڌ ڪرڻ“ هاڻ اصطلاح آهي ۽ معنيٰ اٿس پنهنجو ڌن وغيره ٻين کي ڏيئي ڇڏڻ يا خيرات ڪرڻ. انهيءَ قسم جو رواج يورپ ۾ به هو. انگريزيءَ ۾ ان کي House-Warming چئبو آهي – انهيءَ لفظ ۾ هيءَ خيال رکيل آهي ته نئين جڙيل جاءِ ٿڌي ٿئي ٿي، تنهن ۾ محفل ڪندا هئا، ته گهڻا مهمان اچي گڏ ٿين، ته جاءِ ڪوسي ٿئي.[2]

  1. 1.0 1.1 {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page20.html.  Missing or empty |title= (مدد)}