هيءُ ڪتاب 1932ء ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اصل ۾ گجراتي ٻوليءَ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي لکيل آتم ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جو اين. آر. ملڪاڻيءَ ”آتم ڪٿا مهاتما گانڌيءَ، (ستيه جا پريوگ يا سچ جا تجربا) جي نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو 1938ء ۾ ڇپيو هو. هن آتم ڪٿا جا پنج ڀاڱا يا باب آهن. پهرئين باب ۾ جنم، ٻالڪپڻ،شادي،اسڪولي زندگي، پيءُ جي وفات، ولايت جي تياري، بئريسٽريءَ جي تعليم جو ذڪر آهي. ٻئي ۽ ٽئين باب ۾ ڏکڻ آفريڪا جا آزمودا، ڪرستانن سان دوستي، هندستانين سان ويڌن، نتال انڊين ڪانگريس، هندستان موٽ، ڪانگريس ۾ شرڪت، گوڪل سان ملاقات ۽ وري آفريڪا ڏانهن موٽ جو بيان آهي. چوٿين ۽ پنجين باب ۾ انگريزن سان واسطيداري، هندستانين سان زيادتين، سياست ۾ حصي،ستياگره، بک هڙتال، جنگ، وڪالت جون يادون، شانتيڪن، مزدورن جا سنٻنڌ، هندو مسلم ايڪتا، کاڌي جي تحريڪ، قطع تعلقات ناگپور ڪانگريس جي عدم تعاون هلچل جو تفصيلي بيان آهي. هن ڊيمي سائيز آتم ڪٿا جي ٻنهي ڀاڱن جا 702 صفحا آهن. پهريون ڇاپو گوبندرام ڀوپت راءِ واسواڻيءَ شڪتي جاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ مان ۽ ٻيو ڇاپو هيرانند ڪرمچند هندستان پرنٽنگ ورڪس ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو.[1]

حوالا سنواريو