سانچو:Underlinked


آب شمار پاڻي جي ماپ ڪرڻ وارو اوزار، جيڪو P.W.D ۽ پاڻيءَ سان واسطو رکندڙ ٻين کاتن وٽ ٿيندو آهي.[1]

استعمال سنواريو

پاڻيءَ جي ماپ لاءِ درياهن، بئراجن ۽ واهن تي ماپ پٽيون لڳل هونديون آهن، جن تي فوٽ ۽ انچ ڇپيل ٿيندا آهن. پاڻي مٿي چڙهندو آهي ته انگ آهستي آهستي ٻڏي ويندا آهن. جڏهن پاڻي لهندو آهي ته وري ٻڏل انگ ظاهر ٿي پوندا آهن. پاڻيءَ جي ٽانڪين ٻاهران به اهڙيون پٽيون لڳل ٿينديون آهن، جن تي هڪ تير مثل اوزار لڳل هوندو آهي. ٽانڪي پاڻيءَ سان ڀريل هوندي، ته تير هيٺ ٿيل هوندو آهي. پر ٽانڪي خالي هوندي آهي ته اهو تير وري مٿي ٿي ويندو آهي. ايئر ۽ روم ڪولرن ۾ وري ڊائل لڳل ٿيندو آهي، ان وسيلي خبر پوندي آهي ته ايئر يا روم ڪولر ۾ ڪيترا لٽر پاڻي بچيو آهي. پاڻيءَ جي ماپ جا اهڙا ڊائل ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ به لڳل ٿيندا آهن. بئراجن ۽ ڊيمن مان پاڻيءَ جي نيڪال جي ماپ ڪيوزڪس Cusecs مان ورتي ويندي آهي. هن کي آب پيما به چئبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.