آبِي چَڪَرُ
آبي چڪر (انگريزي ٻولي: Water cycle) ڌرتيءَ تي، ۾ ۽ مٿان پاڻيءَ جو وجود ۽ چُرپُر سمجھائي ٿو. ڌرتيءَ جو پاڻي هميشہ چرپر ۾ رهي ٿو ۽ هر وقت پنهنجي صورت مَٽائيندو رهي ٿو؛ پٽڙي کان برفَ ، ٻاڦَ، ۽ پوءِ واپس پٽڙو. آبي چڪر اربن سالن کان هلندو اچي ۽ ڌرتيءَ تي سموري حيات ۽ جيوت جو جاري ساري رهڻ ان تي ئي دارومدار رکي ٿو. پاڻيءَ کان سواءِ ڌرتي رهڻ لائق نہ هجي هئا.
آبي چڪر کي ڪو بہ شروعاتي نُڪتو نہ آهي. آبي چڪر جو محرڪ سِجُ آهي، جيڪو سمنڊَ جي پاڻيءَ کي گرمائي ٿو. گرمائش سبب پاڻيءَ جو ڪجهه حصو اُٻارجي ٿو Evaporates هوا ۾ اُٻَ جِي صورتَ ۾ شامل ٿِي وڃي ٿو. برفَ (Ice) ۽ ڳڱ (Snow) سڌو سنئون اُٻَ ۾ (Sublimate) سگھي ٿِي. هوا جون مٿي ويندڙ اهڙي اُٻَ کي مٿي وايومنڊل (Atmosphere) ۾ وٺِي وڃن ٿا. ان سان گڏ اهو پاڻي بہ مٿي وڃي ٿو، جيڪو اُٻڪبدلتڳاءُ (Evapotranspiration) جي عمل ذريعي ٻوٽن مان transpire ۽ مِٽيءَ مان اُٻارجي نڪري ٿو. اُٻَ هوا ۾ مٿي کڄي وڃي ٿِي، جتي جو ٿڌڙو گرمي پد اُٻَ کي ٺالي Condense ڪڪر ڪري ڇڏي ٿو. هوا جا وهڪرا ڪڪرن کي سڄي ارض Globe ۾ گھُمائين ٿا. ڪڪرن جا ذرڙا پاڻَ ۾ ٽڪرائجي گڏجن ٿا، ايئن وڏا ٿين ٿا ۽ وسڪارَ Precipitation جِي صورتَ ۾ آسمانَ تان ڪِرَن ٿا. ڪجهه وسڪارَ ڳڱ جِي صورتَ ۾ هيٺ ڪِرندي آهي، جيڪا برفِي بَرَن ۽ برفاني جبلن يعني برفالن Ice Caps and Glaciers جِي صورتَ ۾ گڏ ٿيندي آهي، جيڪي ڄميل پاڻيءَ جي انَ ذخيري کي هزارن سالن تائين سانڍي سگھن ٿا. بهار جِي مُندَ اچڻَ کانپوءِ نسبتاً گرم آبهوا ۾ اهي برفاني ذخيرا رجڻ ۽ ڳرڻ لڳندا آهن ۽ اهو ڳريل آب ڳڱڻياٺ Snowmelt جِي صورتَ ۾ زمين تي وهڻ لڳندو آهي. وسڪارَ جو اڪثر حصو واپس سمنڊَ ۾ هليو ويندو آهي، جڏهن تہ باقي حصو خُشڪِيءَ تي ڪِرندو آهي ۽ ثقلي ڪشش سبب زمين تي (سطحي يا مٿاڇراتي) نئين آب Surface runoff جِي صورتَ ۾ وهندو آهي. ان رن آف جو هڪڙو حصو دريائن ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن جو وهڪرو Streamflow پاڻيءَ کي سمنڊَ طرف وٺي ويندو آهي. نئين جو پاڻي ۽ جر (زير زمين پاڻي) جو سيمو ملي ڍنڍُن اندر تازي پاڻيءَ Freshwater جي صورتَ ۾ گڏ ٿي ٿو. پر سڄو جو سڄو نئين آب دريائن ۾ نہ ٿو وڃي. ان جو وڏو ڀاڱو زمين چُهِي وڃي ٿِي، جنهن کي دَرڇاڻَڪاري Infiltration چئجي ٿو. ڪجهه پاڻي درڇاڻجِي اونهائيءَ ۾ هليو ويندو آهي، جتي اهو جرگاهن Aquifers (پاڻيءَ سان تَر ٿيل زير زمين سطح) کي ڀري ٿو، جيڪي تازي پاڻيءَ کي تمام وڏي مقدار ۾ ۽ تمام ڊگھي عرصي لاءِ سانڍي سگھن ٿا. ڪجهه جَر (زير زمين پاڻي) مٿاڇري کي ويجھو رهي ٿو، جيڪو سيمو ڪري واپس مٿاڇري تي موجود آبگاهن (۽ سمنڊ) ۾ هليو وڃي ٿو، جنهن عمل کي جر اخراج Ground-Water Discharge چئجي ٿو؛ ۽ ڪجھہ جر وري چشمي جِي شڪل ۾ خُشڪِيءَ تي تازي پاڻيءَ جي ڦُوهارو ٿِي نڪري ايندو آهي. بهر حال، وقت ساڻ سمورو پاڻي هلندو هلندو ڪنهن نہ ڪنهن ريت سمنڊَ ۾ داخل ٿِي وڃي ٿو، جتي آبي چڪر پُورو ٿي ٿو ۽ اتان پوءِ وري اهو ٻيهر شروع ٿئي ٿو.