ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ لڪيءَ جي اوڀر ۾ ٺيٻاٺ ويجهو هيءَ ڍنڍ آهي. هيءَ ڍنڍ ٺيٻاٺ ڍنڍ کان الڳ آهي. ڍنڍ ويجهو آباد ڳوٺ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ اڃا تائين سانوڻيءَ ۾ درياهه ذريعي ڀربي آهي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي انتظام هيٺ آهي ۽ هن ۾ مڇي جهجهي انداز ۾ مري ٿي ۽ پکين جي پناهه گاهه پڻ آهي. [1]