آباد ماکنڊ
ڳوٺ آباد ماکنڊ يوسي سن، تعلقو قاضي احمد ۽ ضلعي شھيد بينظير آباد (نوابشاھ) جو تمام گهڻو آڳاٽو ۽ قديمي ڳوٺ آھي. ھن ڳوٺ جي باري ۾ جيڪو تاريخي حوالو ملي ٿو سو ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ ھن ڳوٺ جي آباد ٿيڻ کان پھرين ھتي کٻڙن جا تمام گهڻا وڻ ھئا ۽ انھن وڻن ۾ ماکيءَ جو مقدار تمام گهڻو ھو، تنھنڪري ھن ڳوٺ تي "ماکنڊ" نالو پيو.
اھڙي ريت ھن ڳوٺ جي آبادي آھستي آھستي وڌڻ لڳي، جيڪا ھن وقت لڳ ڀڳ 200 گھرن تي مشتمل آھي. ھن ڳوٺ جا ڪجهہ رھاڪو درگاھه لواري شريف سان وابستہ آھن. جڏهن تہ ڪجهہ گھر غوث بھاءُ الدين ذڪريا ۽ ڪجهہ وري پير پاڳاري جا مريد آھن. ھن ڳوٺ جي نالي سان ھڪ ھاءِ اسڪول بہ موجود آھي. جيڪو منھڙو شاخ جي ڀرسان واقع آھي.
ھن ڳوٺ جا وڏڙا: عطا محمد ڏاھري، صيفل خان ڏاھري، محمد سليمان ڏاھري، ساماڻو خان ڏاھري، بخشڻ خان ڏاھري، نورل خان ڏاھري، الھه بخش ڏاھري، ڳھڻو خان ڏاھري، لاکو خان ڏاھري، بچل ڏاھري، پانڌي خان ڏاھري، ڌڻي پرتو ڏاھري، مولوي يار محمد ڏاھري، مولوي نصرالله ڏاھري، محمد عثمان ڏاھري، محمد جمن ڏاھري، خير محمد ڏاھري، لعل محمد ڏاھري، الھه يار ڏاھري، عبدالمجيد ڏاھري وغيره ڳوٺ جا وڏڙا آھن.