ڪنهن به طرزِ حڪومت يا سياسي نظام جي اصولن ۽ ضابطن کي آئين يا دستور چوندا آهن. آئين ڪنهن رياست جو در اصل سڀ کان مٿانهون بنيادي قانون هوندو آهي. ان مطابق حڪومت جي جوڙجڪ ۽ تنظيم وجود ۾ ايندي آهي. حڪومت جي مختلف شعبن (ادارن) ۾ انهن جي اختيارن جو چٽو تعين ٿيل هوندو آهي. آئين ساڳئي وقت رياست ۽ ان جي شهرين جا پاڻ ۾ لاڳاپا توڙي فرض به طئي ڪري ٿو. يوناني ڏاهي ارسطو آئين کي هڪ اهڙو قانون سڏيو آهي، جنهن مطابق ڪنهن رياست ۽ ان جي شهرين جي هڪ ٻئي سان تعلق جو تعين ٿئي ٿو. هڪ ٻئي مفڪر آسٽن موجب آئين هڪ اعليٰ ۽ برتر ضابطو آهي، جيڪو حڪومت جي جوڙجڪ کي واضح ڪري ٿو. آئين سماج ۾ نظم ۽ ضابطو برقرار رکڻ ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ جو قانون آهي.
آئين ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙو آئين اڻ لکيل جيئن برطانيا جو آئين آهي. اهو سياسي روايتن تي ٻڌل آهي. ٻيو قسم لکيل آئين جو آهي. جيئن آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت وغيره جا آئين آهن، جيڪي باقاعده جوڙيا ويا ۽ لکت ۾ آندا ويا. بنيادي طرح آئين جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي، جيترو سياسي نظام يا حڪومت جي آهي. مختلف تنظيمن ۾ سياسي جماعتن جا به آئين هوندا آهن.[1]

آمريڪا جو آئين