استور ضلعو (Astore District) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي ديامر ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام عيدگاھہ شھر آھي.[1] عيد گاھہ استور وادي م واقع آهي. استور ضلعي جي اتر ۾ گلگت ضلعو، اتر۔اوڀر م روندو ضلعو، اوڀر ۾ اسڪردو ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ کرمنگ ضلعو، اولھہ ۾ ديامر ضلعو، ڏکڻ اولھہ ۾ آزاد ڪشمير جو نيلم ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ انڊيا جي قبضي وارو جمون ۽ ڪشمير واقع آهي. عيدگاھہ شھر ھوائي رستي، پاڪستان جي گاديء جي ھند، اسلام آباد سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ روڊ رستي پڻ اسلام آباد سان گڏوگڏ راولپنڊي، چترال ۽ اسڪردو سان ڳنڍيل آهي. اسڪردو طرف ھڪ رستو ديوسائي میدان واري رستی سان 143 ڪلوميٽر (89 mi) جی دڳ تی آھي.[2] پر اھو نومبر کان جون تائين تيز برفباري سبب بند رھندو آھي. ٻيو رستو گلگت کان جگلوٽ واري پاسي کان آھي، جيڪو 128 ڪلوميٽر (80 mi) ڊگھو آھي.[3]

استور ضلعو
Astore District
گلگت بلتستان جو ضلعو
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016)
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016)
ملڪ پاڪستان
انتظامي يونٽ [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان
ڊويزن ديامر ڊويزن
صدر مقام عيدگاھ
پکيڙ
 • ڪل 5,092 ڪ.م2 (1,966 ميل2)
آبادي (1998)
 • ڪل 71,666

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو