روندو ضلعو (انگريزي: Rindu District)[1] گلگت بلتستان جو ھڪ ضلعو آهي جنھن ۾ روندو وادي جو سمورو حصو اچي وڃي ٿو جيڪا اسڪردو، خپلو ۽ شگر جي وادين کان پوءِ گلگت بلتستان جي چوٿين وڏي وادي آھي.[2] اھو ضلعو گلگت بلتستان جي اولھائين حصي ۾ واقع آهي ۽ گلگت ڊويزن ۽ بلتستان ڊويزن وچ م مکيه واپاري ۽ سفري دڳ آھي. سال 2019ع ۾ اسڪردو ضلعي کي ٽوڙي ان مان ھي ضلعو قائم ڪيو ويو.[3]

روندو ضلعو
گلگت بلتستان جو ضلعو
Rondu District
گلگت بلتستان جي نقشي ۾ 14 ضلعا ڏيکاريل
گلگت بلتستان جي نقشي ۾ 14 ضلعا ڏيکاريل
ملڪ پاڪستان
انتظامي صوبو گلگت بلتستان
ڊويزن بلتستان ڊويزن
صدر مقام دمبداس
پکيڙ
 • ڪل 8,500 ڪ.م2 (3,300 ميل2)
آبادي

آبادي سنواريو

ھن ضلعي جا 70 سيڪڙو ماڻھو بلتي آھن جيڪي بلتي ٻولي ڳالهائيندڙ آھن. آبادي جي اڪثريت شيعن جي آھي. ٻيو نسلي گروھ شينا ٻولي ڳالهائيندڙن جو آھي. ضلعي جي 90 سيڪڙو آبادي پڙھيل لکيل ماڻھن جي آھي.

حوالا سنواريو

  1. Ali, Wazir Qalbi (20 April 2019) (en ۾). [https://web.archive.org/web/20190619154942/http://www.radio.gov.pk/20-04-2019/gb-cabinet-decides-to-upgrade-dareal-tangirgupis-yasin-and-roundu-as-districts آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Qadam Qadam Baltistan]. Skardu
  2. Hussainabadi, Yousaf (2003). Tareekh-e-Baltistan. Baltistan Book depot, Skardu. Jabir, Abdul Hayee
  3. : Radio Pakistan. http://www.radio.gov.pk/20-04-2019/gb-cabinet-decides-to-upgrade-dareal-tangirgupis-yasin-and-roundu-as-districts آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Retrieved 19 June 2019.