عربي ٻولي

ٻولي
(Arabic language کان چوريل)

عربي ٻولي (اُچار: اَربِي ٻولِي، اردو: عربی، انگريزي: Arabic، عربي: العربية) دنيا جي مشھور ترين ٻولين مان ھڪ ٻولي آھي.

عربي ٻوليءَ جون ٽي مشهور رسم الخط آهن. خط نسخ، خط ڪوفي ۽ خط رقعي. عربي ٻولي ٽنهي رسم الخط ۾ لکجي ٿي، پر عرب گهڻو ڪري لکڻ لاءِ خط رقعي استعمال ڪن ٿا.

عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه. عربن کي جيڪي حرف صحيح اَرم ملڪ وارن وٽان مليا، تن مان ڪن جا منهن بند هئا، جي عربن کوليا. عربيءَ ۾ ڪي اُچار آهن، جي اَرم مان مليل آئيويٽا ۾ ڪين هئا، ته پنهنجي گهرج آهر ان ۾ اکر گڏيائون. مثلاً ب ۽ ت؛ ج، ح ۽ خ ساڳيءَ صورت وارا لفظ آهن، ته انهن ۾ نقطا هيٺ مٿي گڏي، پنهنجي آئيويٽا جا اکر وڌائي اٺاويهه ڪيائون. سنه 634-635ع ڌاري عربن ايران فتح ڪيو، ته اتي عربي ٻولي ۽ عربي آئيويٽا چالو ٿي. ايراني ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اُچار آهن، جي عربيءَ ۾ ڪينهن، ته ايرانين عربي آئيويٽا ۾ پنهنجا ٻيا چار اکر ٺاهي وڌا، جنهن ڪري هينئر پارسي آئيويٽا ۾ بٽيهه اکر آهن. ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کان سواءِ هلي ڪين سگهندي. سيميٽڪ قومن کي پڻي يا فنيشن لوڪن جي آئيويٽا مان اعرابون يا حرف علت نه مليا، ته هنن پنهنجو هوش هلائي، پنهنجي لاءِ هڪ سولي سهنجي واٽ گهڙي. مثلاً عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ”ا، و ۽ ي“ اهي ٽي اکر جيتوڻيڪ حرف صحيح آهن، ته به پنهنجا اُچار اٿن، تنهن ڪري اهي ساڳيا اکر حرف علت ڪري به ڪم آڻڻ لڳا. ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽي اعرابون ٺاهيائون. اهي ٽيئي ننڍي اُچار واريون اعرابون آهن، پر ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. انهيءَ اوڻائيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ عرب لوڪ اهي ساڳيا ٽي ننڍا اچار ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ لڳا. مثلاً عربيءَ ۾ لکن ”اادم“، جنهن جو اُچار آهي ”آدم“[1]. ائين اَ + اَ = آ، اِ + اِ = اِي ۽ اُ + اُ = اُو

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27.  Missing or empty |title= (مدد)