اوسط سامونڊي سطح مٿي

(Above mean sea level کان چوريل)


سراسري سامونڊي سطح کان مٿي وارا ميٽر:(انگريزي: Metres above mean sea level )يا مختصرن ميمسل(MAMSL[1] and MASL.[2]) جنھن کي سامونڊي سطح کان مٿي وارا ميٽر پڻ چون ٿا. اھو معياري ميٽرڪ واري ماپ جو عمودي فاصلو معلوم ڪرڻ جو ھڪ ايڪو آھي جنھن ذريعي سمنڊ جي سطح جي سراسري سان ڀيٽ ڪندي ڪنھن بہ مقام جي بلندي يا طول جي اوچائي جي ماپ ڪئي ويندي آهي. سمنڊ جي سطح ۾ وقت گذرڻ سان ايندڙ موسمي تبديلين سان فرق ايندو رھندو آھي جنھن ڪري اوچائي جي ماپن ۾ بہ فرق اچي ٿو جنھن ڪري سمنڊ جي سطح جي سراسري جي يونٽ جي ضرورت پيش آئي تہ جيئن بلندي جا ماپا مستقل رھي سگھن.ھن ماپي سان نہ رڳو بلندي پر سمنڊ جي سطح کان ھيٺ زميني سطحن جي اونھائي واري عمودي ماپ پڻ ٿيندي آهي.

ڪيليفورنيا ۾ ھڪ جاء جتي پاڻي ھيٺ ترو سراسري سامونڊي سطح کان 86 ميٽر ھيٺ آھي

استعمال سنواريو

سراسري سامونڊي سطح بلندي ماپڻ جو معياري ماپو آهي جنھن جي مدد سان مختلف جاگرافيائي مقامن جي بلندي جو تعين ٿيندو آهي جن ۾ شھر، جبل مختلف زميني علائقا ۽ عمارتون ۽ ٻيون غير عمارتي بناوٽون شامل آهن. ان کان علاوه اڏامندڙ جھازن، ھيليڪاپٽر ۽ ٻين اڏامندڙ شين جي بلندي پڻ ان ايڪي سان معلوم ڪئي ويندي آهي.

ماپ جو طريقو سنواريو

سڀ کان عام طريقو گلوبل پوزيشنگ سسٽم يا جي پي ايس وارو آھي. ٻيو طريقو مصنوعي سياري جي الٽيميٽر وارو آھي جنھن سان ماحول جو دٻاءُ پڻ معلوم ڪبو آهي جيڪو بلندي جي وڌڻ سان وڌندو آھي. ھڪ طريقو ھوائي ڦوٽو گرافي وارو آھي. ھڪ سطح جي سروي وارو آھي.


حوالا سنواريو

  1. Ricardo Bressani, Ricardo; Carlos Chon (1996). "Effects of altitude above sea level on the cooking time and nutritional value of common beans". Plant Foods for Human Nutrition (Formerly Qualitas Plantarum) 49 (1): 53–61. doi:10.1007/BF01092522. http://www.springerlink.com/index/H05M8274480PJTM4.pdf. Retrieved 2007-05-06. 
  2. "Meters above Sea Level - What does MSL stand for? Acronyms and abbreviations by The Free Online Dictionary.". حاصل ڪيل 2007-05-06.