هيمرشيا(انگريزي: Hamartia ) يوناني الميه ڊرامي ۾ هيرو يا هيروئن جي بدمزاجي، جيڪا سندس تباهيءَ جو باعث بڻجي[1][2]. لفظ ھيمرشيا يوناني ٻوليءَ جي لفظ ھمرچيا (ἁμαρτία) مان جيڪو وري ھمارٽنيئن (hamartánein) مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي غلطي ڪرڻ يا نشانو خطا ٿي وڃڻ[3][4]. ھيمرشيا لفظ جو استعمال ڪردار جي ڪمزورين ۽ نقصان جو اظھار آھي جيڪي ان جي زوال جو سبب بڻجندا آهن[5][6].

ارسطو جي ڪتاب شاعري جو فن جو ٽائٽل صفحو

تعارف سنواريو

ھيمرشيا جو ڊرامائي ادب طور سڀ کان پھريون استعمال ارسطو پنھنجي ڪتاب پوئيٽڪس يا شاعري جو فن ۾ ڪيو ھو. الميي ۾ ناٽڪ جي مکيه ڪردار جي شخصيت جي نقص کي ھيمرشيا سڏيو ويندو آهي جنھن جي نتيجي م ان ڪردار جو الميائي انت سان زوال ٿيندو آهي[7]. ارسطوءَ مطابق الميه ڊرامي جي ھيرو جي المناڪ پڄاڻي سندس قسمت جو نتيجو نہ، پر سندس عملن جو نتيجو ھجي. ڇو ته، ھيرو ھڪ انسان ھئڻ گھرجي. جيئن تہ انسان غلطين جو پتلو ھوندو اھي. ان حساب سان ھو ڪا غلطي ڪري. مطلب تہ ھيرو جي ٽرئجڊيءَ ۾ قسمت جو عمل دخل ھئڻ نه گھرجي، بلڪه غلط فيصلي جو نتيجو هجي[1].

ھيمرشيا ۽ الميي جا ليکڪ سنواريو

شيڪسپيئر جا اڪثر ھيرو پنهنجي غلطين سبب پنھنجي المناڪ پڄاڻي آڻين ٿا. ان حساب سان ھو، ارسطو جو صحيح نموني پوئلڳ اھي[1]. اڳتي ھلي ڊرامن جي رجحان ۾ بہ تبديلي آئي. سنڌي ڊرامن تي روشني وجھڻ سان خبر پوندي ته مرزا قليچ جا ڊراما مٿئين اصول مطابق اھن ۽ ھن جا ھيرو پنھنجي پڄاڻي پاڻ اڻن ٿا[1]. خانچند درياڻيءَ جو ھيرو غريب ۽ بيوس اھي[1]. امر جليل جا ھيرو معاشري جي چال چلت سان ٺاھ نه ٿا ڪن. سندن اصول پرستي، اڏول پڻو سندن جي المناڪ پڄاڻي آڻي ٿو[1]. اياز عالم ابڙي، ڪيھر شوڪت، رزاق مھر وغيره جا ھيرو غريب گھراڻي سان تعلق ھئڻ سبب وڏيرڪي ماحول جو شڪار بڻجن ٿا[1]. عبدالقادر جوڻيجي جا ھيرو معاشري جي تنگ دليءَ جو کاڄ بڻجن ٿا[1]. علي بابا جا ھيرو غربت ۽ افلاس جو شڪار اھن[1]. مطلب تہ اڄ جي ڊرامي ۾ ھيمرشيا جو بنيادي اصول ۽ متو، ارسطوءَ جي ٻڌايل وصف کان تبديل ٿي چڪو آھي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 [ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي ]
  2. {آڪسفورڊ انگريزي سنڌي ڊڪشنري؛ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، پھريون ڇاپو، 2010 ايڊيشن، صفحو:793}
  3. "Hamartia". Merriam-Webster.com. Merriam-Webster, n.d. Web. 28 September 2014.
  4. Hamartia: (Ancient Greek: ἁμαρτία) Error of Judgement or Tragic Flaw. "Hamartia". Encyclopædia Britannica Online. Encyclopædia Britannica Inc., 2014. Web. 28 September 2014.
  5. "Hamartia - Definition of Hamartia and Literary Examples". Literary Devices. حاصل ڪيل 2021-04-19. 
  6. "Aristotle's Definition of Tragedy". tragedy.ucsc.edu. حاصل ڪيل 2021-04-19. 
  7. Jackiey Ash. "Hamartia: What is Hamartia? Hamartia in Tragedy".