هيرو (ڊائمنڊ)
ھيرو' يا الماس(انگريزي: Diamond) ڪاربان جو ھڪ ٺوس قسم آھي. ان جا ائٽم قلمي(انگريزي: crystal) ھوندا آھن. ڪاربان جو ھڪ ٻي شڪل گريفائيٽ بہ ھوندي آھي پر ھيرو ان کان مختلف ھوندو آھي ۽ ان جي ٿرمل ڪنڊڪٽوٽي ۽ سختي تمام گھڻي ھوندي آھي. قدرتي ھيري جي عمر ھڪ ارب کان ساڍا ٽي ارب سال ھوندي آھي ۽ انھن جي موجودگي زمين جي اندر 150 سئو ڪلوميٽرن جي گھرائي ۾ ھوندي آھي. پر ٻرندڙ جبلن جي عملن جي ڪري اھي زمين جي مٿين سطح تي جبلن ۾ پھتا.
الماس ھيرو | |
---|---|
گھڻ پاسن وارو ھيرو | |
عام ڄاڻ | |
قسم | معدنياتي عنصر |
ڪيميائي فارمولو ( دھرائجندڙ ايڪو ) |
ڪاربن |
نڪل-اسٽرومز درجابندي | 1.CB.10a |
ڊينا واري درجابندي | 1.3.6.1 |
قلمي نظام | ڪيوبڪ ڪرسٽل سسٽم |
قلمي درجو | Hexoctahedral (mسانچو:Overlinem) H-M symbol: (4/m سانچو:Overline 2/m) |
سڃاڻپ | |
فارمولا ۾ مايو | 12.01 g/mol |
رنگ | مخصوص ڦڪو، ناسي, يا ڀوري رنگ کا بي رنگ تائين مختلف رنگن وارو. تمام گھٽ صورت ۾ نيرو، سائو، ڪارو، اڇو، واڱڻائي، نارنگي، ۽ ڳاڙھو |
ڪرسٽل ھئبٽ | Octahedral |
قلمي جاڙيت | Spinel law common (yielding "macle") |
ڏار | 111 (چئني پاسن کان سالم) |
ڇڳل مٿاڇرو (معدنياتي علم) | Conchoidal (shell-like) |
موھ واري ماپي تحت سختي | ڏھ معدنيات |
چمڪ | Adamantine |
اسٽريڪ ( پائوڊر جو رنگ) | بي رنگ |
شفافيت | شفافيت |
مخصوص ڪشش ثقل | 3.52±0.01 |
گھاٽائي | 3.5–3.53 g/cm3 |
مھٽ واري چمڪ | Adamantine |
بصري خاصيتون | آئسوڊراپڪ |
ريفريڪٽو انڊيڪس (انعطاف نما) | 2.418 (at 500 nm) |
ٻہ مختلف معڪوس اشارا | ڪابہ نہ |
رنگ برنگيت | ڪابہ نہ |
شعاعي ڦھلاء | 0.044 |
رکڻ جو گرمي پد | ڪاربان جي خاصيت وارو |
حوالا | [1] |
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق
سنواريوجواهرات جو اعليٰ قسم، جنهن کي سنڌيءَ ۾ هيرو، سنسڪرت ۾ هيرڪ، فارسيءَ ۾ -الماس- ۽ انگريزيءَ ۾ ڊائمنڊ چوندا آهن. هيرو، جواهرات جي سڀني قسمن ۾ اعليٰ ڳڻيو وڃي ٿو. نُدرت، رنگينيءَ، پائيداريءَ، سختيءَ، اوجر ۽ چمڪ ۾ هن سان ٻيو ڪوبه جواهر مٽ ٿي نٿو سگهي. هن -پٿر- جي ڪيميائي ماهيت ۾ خالص ڪاربان ٿيندو آهي. هيءُ -پٿر-، قلمن جي صورت ۾ گهڙيل لڀندو آهي. هن جا قلم شفاف ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نيم شفاف يا غيرشفاف حالت ۾ به لڀندو آهي. جوهري قدر و قيمت جا هيرا عموماً بي رنگ هوندا آهن. ڪي هلڪي رنگ ۾ زرد، نيرا ۽ ڳاڙهاڻ مائل هيرا به جواهرات ۾ پسند ڪيا ويندا آهن. جيڪي هيرا غيرشفاف ۽ ڪارا هوندا آهن، اهي صنعتي ڪم ۾ استعمال ٿيندا آهن. -جن- هيرن ۾ هلڪي زرد رنگ جي جهلڪ هوندي آهي، -تن- کي ”بناسپتي“ چوندا آهن. -جن- هيرن ۾ خاڪي ۽ ملاگيري رنگ جهلڪندو آهي، -تن- کي ”تيليو“ چوندا آهن. هيري جو استعمال قديم زماني کان ٿيندو رهيو آهي. 480 سال. ق. م. ۾ يوناني ديوتا جي هڪڙي بوتي جي اکين ۾ هيرا جڙيل هوندا هئا. هيري جي دريافت 8 سئو سال ق. م ۾ هندستان ۾ ٿي. سختيءَ جي لحاظ کان هيرو سخت -ترين- جوهر آهي، انهيءَ ڪري هيري جون ڪُنڊون گهڻي استعمال سان به نه گسنديون آهن، ۽ پائدار ٿينديون آهن. چون ٿا ته اڳ هيرا هندستان جي کاڻين مان لڀندا هئا. حيدرآباد دکن جي شهر گولڪنڊي ۾ هيرن جي -بازار- هوندي هئي، ۽ هتي هيرن ڪاٽڻ جو ڪم ٿيندو هو. اڄڪلهه به هندستان ۾ ٿورا گهڻا هيرا لڀن ٿا. 1866ع ۾ آفريڪا ۾ هيرن جون کاڻيون لڌيون. 1870ع تائين -برازيل- جي کاڻين مان هيرا ملندا رهيا. آفريڪا جي گهڻن علائقن مان هيرا ملندا رهن ٿا، -جن- ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ”ڪيلي نن“ 5. 31 ڪئريٽ وزن جو ٽرانسوال جي کاڻ مان 1905ع ۾ لڌو. دنيا جي مشهور تاريخي هيرن ۾ ڪوهنور (وزن 93. 108 ڪئريٽ) آهي، ريجنٽ (وزن 137 ڪئريٽ) دنيا جو سڀ کان وڌيڪ نفيس ۽ قيمتي هيرو تصور ڪيو وڃي ٿو. جيڪب ڊائمنڊ (180 ڪئريٽ)، نظام دکن جي جواهرات ۾ سڀ کان قيمتي هيرو ايمسٽر ڊئم (8. 198 ڪئريٽ) آهي. هوپ (وزن 44.5 ڪئريٽ) هي سبزي مائل نيلي رنگ جو هيرو دنيا جو سڀ کان نڀاڳو هيرو تصور ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي هيرا مشهور آهن.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "Diamond". WebMineral. حاصل ڪيل July 7, 2009.
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D9%85%D8%A7%D8%B3