ھيرانند شوقي رام آڏواڻي

سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ھيرآنند شوقي رام 1863ء ۾ ڄائو ۽ 1893ء ۾ ٽيھن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ھو سنڌ جي ماڻھن جي دلين ۾ اڄ به رھي ٿو. ھن ٻارن جي مختصر ڪھاڻين جو ڪتاب ”ھيرن جون کاڻيون“ ترتيب ڏنو، جيڪو ھن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ 1926ء ۾ ڇپيو.[1]