هو جمالو (انگريزي: Ho Jamalo ) سنڌ جو مشهور ۽ دلپسند لوڪ گيت آهي جيڪو شادين، جشن يا خوشي جي موقعن تي سنڌ ۾ ڳاتو ويندو آهي. جنهن جي ڳائڻ وقتناچ ٿيندو آهي، جنهن کي ”جمالو ناچ“ چوندا اهن. لفظ جمالو لاء اديبن جي مختلف راين مطابق خيال آهي ته اهو ڪنهن شخص جو نالو هو، جيڪو ڪنهن سبب گهر کان ٻاهر ويل هو ۽ جڏهن واپس ايو تہ سندس اچڻ جي خوشيءَ ۾ گيت ڳايا ويا[1]. جمالو گيتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هو پهلوان ۽ قداور هو، جيئن: ”جنهن جا پير پنج سير ”هو جمالو“[1]. سنڌ جي لوڪ گيتن ۾ هو جمالي کي وڏي اهميت حاصل آهي. هيءُ گيت سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي اهڃاڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن گيت جي ڌن تي قومي رقص ڪيو ويندو آهي. هيءُ گيت سنڌي ماڻهن جي نفسيات سان جڙيل آهي[2]. جَمالَي ۾ ڪيترن شاعرن وقت به وقت نيون ڳالهيون به شامل پئي ڪيون آهن، جهڙوڪ ’جيڪو سکر واريءَ پل تي، هو جمالو‘ وغيره[1]. هڪ روايت مطابق ’جمالي‘ جو واقعو ميرن جي دور جو آهي. پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا مطابق[2]: "گول پڙ ٺاهي، وچ ۾ سازنده بيهاري، باجماعت يا گروپ جي صورت ۾ اهو رقص ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهي. مگر ڳوٺاڻن جي سـُـتيءَ ۾ اهو رقص پيل هوندو آهي، تنهن ڪري ڳوٺاڻن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي. جن ڏاڏن، پڙڏاڏن کان پئي ان جي مشق ڪئي آهي. جيئن ئي ڀير تي ڏونڪو لڳو، ”هوجمالو“ جي تال وڄت ۾ آئي، ان جي صدا ڪن پئي ته ڳوٺاڻا پاڻ مرادو ٿڙڪڻ شروع ٿيو وڃن ۽ رقص جاري ٿيو وڃي. بلا مبالغه چئي سگهجي ٿو ته هو جمالو سنڌي عوام جي مزاج ۽ فطرت سان هم آهنگ رقص آهي“[3] ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب ته :”جمالو آڳاٽي وقت ۾ ڪو ڪوپو ،اڙٻنگ شخص هو ،جيڪو گهر کان ٻاهر ويل هو ،جنهن جي موٽي اچڻ تي خوشيءَ ۾ سندس ئي نالي سان گيت ڳايائون ،جنهن بعد ان لوڪ گيت کي پذيرائي ملي[4] .“اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب ته :”هيءُ لوڪ گيت هميشه خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي .هن گيت جا مضمون جمالي جو جدا ٿيڻ ،سندس وڇوڙي تي افسوس ،جمالي جو موٽي اچڻ ۽ سندس اچڻ تي خوشي ۽ سندس ڳڻن جو تذڪرو آهي[4] .“ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته ’جمالو ‘نالي هڪ شخص هو ،جيڪو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ڪي سال لاڙ وڃي رهيو ۽ جتن سان گڏ گذاريائين ۽ جڏهن ڪجهه عرصي بعد موٽي آيو ،تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ ۽ حب وارن ناچ ڪيا ۽ سندس نالي سان گيت به ڳايائون ۽ پوءِ اهو گيت اڳتي هلي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهم وٿ بڻجي پيو “.جيئن ته جمالو لوڪ گيت آهي[4].

جمالو

گيت ڳائجڻ وقت جمالو رقص
مقامي نالو هو جمالو
قسم لوڪ رقص
ابتدا ميرن جو دؤر

هو جمالو ٻول سنواريو


وقت گذرڻ سان هن گيت ۾ واڌارا ٿيندا رهيا آهن:
منهنجو جمالو جتن سان..... هو جمالو!
منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏانهن ... هو جمالو !
منهنجو کٽي آيو خير سان .... هو جمالو !
اهڙيءَ ريت جمالي گيت ۾ ’جمالي ‘جي سونهن ،ڏندن ،چپن ،اکين ،پڳ ،منڊيءَ ،لڪڻ ۽ جتيءَ وغيره جي تعريف واريون مصرعون به سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن .باقي هن گيت ۾ ماضي قريب جا ڪي اهڃاڻ به ملن ٿا ’منهنجو سکر واري پل تي ‘يا ڪي اهڙيون ٻيون مصرعون وقت سر وڌنديون رهن ٿيون ،جيڪي سماجي تبديليءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون[4].

هيٺ ’جمالي‘ گيت جون ڪجهه مصرعون ڏجن ٿيون:

منهنجو جمالو جتــــن سـان، هو جمالو!
جنهن جا پــــــير پنج ســــير الا، هو جمالو!
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، هو جمالو!
جيڪو لڙي آيو لاڙ مان، هو جمالو!
جنهن جون اکيون رب رکيون، هو جمالو!
جنهن جا وار گهــــنڊيدار الا، هو جمالو!
جنهن جا هٿ ميندِي رتــڙا، هو جمالو!

— [1]

ناچ جو طريقو سنواريو

پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا هوجمالو ناچ يا رقص جي ادائگي جو طريقو هيٺين طرح بيان ڪيو آهي[2]:

”رقص جي ابتدا ۾ ٻه قدم اڳتي کڻبا آهن. هڪ لحظو توقف ڪري ٻانهون وڻ جي شاخن مثل آهستگي سان لچڪنديون آهن. هٿ شگوفن وانگر ٽڙي پوندا آهن. کٻي پير سان لٺڪو ڏيئي ٻئي لمحي سڀئي منهن پڙ ۾ پائي قدم اندر ورائيندا ۽ وچ ڏانهن نـِوڙي هٿ ڊگها ڪري تاڙي وڄائي، سنوان بيهي هڪ قدم پويان کڻندا آهن ۽ پڙ موڪرو ڪري وڃبو آهي. چئني پاسي رخ ڪري رقصان ٿبو آهي. پڙ هڪ لمحي اڳتي هلندو آهي ته ٻي لمحي پوئتي. ڪڏهن پڙ سوڙهو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن ڪشادو ۽ اهو سڄو عمل ايتري خوبصورت هم آهنگيءَ سان ٿيندو آهي جو ڏسڻ سان لطف اچي ويندو آهي. اهڙو روح پرور نظارو انسان جي تخليقات ۾ ٻيو ڪو ورلي نظر ايندو. انهيءَ رقص مان سنڌ جي مٽيءَ جي سڳند ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج ۽ جمالياتي حس، نظم و هم آهنگيءَ جي ترجماني ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري هو جمالو کي سنڌ ثقافت جو ترجمان ۽ ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي“

— [5]

جيڪو سکر واري پل تي سنواريو

سکر واري پل جو هن لوڪ گيت ۾ ذڪر سکر جي لينسڊائون پل متعلق آهي. هن پل جي خاصيت هئي ته ان ۾ ڪوبه ٺله ڪونہ هيو جنهن ڪري هڪ لوڪ ڪهاڻي جنم ورتو ۽ روايت ۾ اچي وئي. ڪهاڻي مطابق جڏهن هيء پل تيار ٿي تہ ٺله نہ هجڻ ڪري ريل جي ڊرائيورن ڊپ جي ڪري هن پل تي ريل هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري انگريزن کي مشڪل پيش آئي ۽ انتظاميه ان کي حل ڪرڻ جو انوکو منصوبو جوڙيو. سکر جيل جي جمالو نالي موت جي سزا جي قيدي کي ٽرين هلائڻ سيکاري معاهدو ڪيو تہ پل تان ريل کي پار ڪندو تہ کيس معافي ڏني ويندي اهڙي طرح جمالو پل تان ريل کي پار ڪري ڏيکاريو ۽ ان جي زال مڙس جي ڪاميابي جي خوشي ۾ هو جمالو نالي گيت ڳايو اهڙي طرح ان لوڪ گيت جي ابتدا ٿي. ان روايتي ڪهاڻي جي اڃان ڪٿان ثابتي ڪانہ ٿي آهيref name =" مولائي شيدائي " > ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ </ref>.

جمال بلوچ وارو قصو سنواريو

هڪ روايت مطابق هو جمالو جي ابتدا جمال بلوچ جي واقعي سان ٿي هئي جنهن جو تعلق اتر سنڌ سان هو. ان جي علائقي تي دشمن چڙهائي ڪري آيا هئا ۽ ان ڳوٺاڻن سان گڏجي دشمنن سان مقابلو ڪري ويڙه کٽي هئي. جڏهن اهو واپس ڳوٺ موٽي آيو تہ ان جي استقبال م عورتون نڪري آيون ۽ هو جمالو منهجو کٽي آيو خير سان ڳائڻ شروع ڪيو[6].

عمر میمڻ جي هوجمالو ڊاڪيومينٽري سنواريو

هو جمالو تي انگلينڊ ۾ رهندڙ عمر ميمڻ جي ٺاهيل هڪ وڊيو ڊاڪيومينٽري مشهور آهي. بي بي سي اردو جي هڪ رپورٽ مطابق هو جمالو لوڪ گيتن م پهريون گيت آهي جنهن تي دنيا جي 120 ملڪن جا ماڻهو ناچ ڪري چڪا آهن[7].

پنجابي لوڪ گيت لڊي هي جمالو سنواريو

پنجابي ٻولي م پڻ هڪ لوڪ گيت لڊي هي جمالو پا مشهور آهي جنهن تي پڻ جمالو رقص ڪيو ويندو آهي. ان جا ٻول هيٺ ڏجن ٿا:

لُڈّی ہے جمالو پا

دنیا توں پیار مِلے
کوئی دِلدار مِلا
آندا سواد گل بات دا
کهِلرے نے وال میرے
رہنا میں نال تیرے
وعدہ اے پہلی ملاقات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
تینوں تکّیاں بِنا
پیار منگیا تیرا
ایہ وی جاناں نہ میں
کون دِلبر میرا
اینا دهیاں رہوے
سارا جہان کہوے
چُهٹدا نہیں ساته دن رات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
آکے تو ٹُر گیوں
روگ لگ جائے گا
کلّی رہ جاں گی میں
کی مزہ آئے گا
بُلّیاں بُلان تینوں
اکهیاں منان تینوں
ساہواں وچ شور برسات دا
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو
لُڈّی ہے جمالو پا لُڈّی ہے جمالو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي ]
  2. 2.0 2.1 2.2 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2021-06-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ”هو جمالو“ سنڌ جو لوڪ گيت قاضي مقصود احمد
  3. {سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع}
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D9%85%D8%A7%D9%84%D9%88] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
  5. {سنڌي ثقافت ۽ هوجمالو“، پروفيسر حاجي محمد اسماعيل آغا، ماهوار ”نئين زندگي“ مئي 1995ع}
  6. {[2]Elim ud Din Mazari Kashmore Published in Dawn, September 16th, 2018}
  7. {www.bbc.com › urdu › e...Web results'هو جمالو ایک جشن اور خوشی کا اظہار ہے' - BBC News اردو}[3]