ھنزه نگر ضلعو

گلگت بلتستان، پاڪستان ۾ ضلعو

ضلعو ھنزه نگر جيڪو ماضي ۾ ڪڏھن ھڪ خود مختيار رياست ھئي پاڪستان جي صوبي گلگت بلتستان جو ھڪ ضلعو آھي۔ ھتان جي رھاڪن کي بروشو ۽ انھن ٻولي کي بروشسڪي چيو ويندو آھي۔ بروشو ماڻھن کي اتر جا قديم ترين رھاڪو ۽ اولين آبادڪار ھجڻ جو شرف حاصل آھي۔ ھتان جي ماڻھن جي ٻولي بروشسڪي آھِ۔ ھتي شيعہ مسلمان آباد آھن ضلعي نگر جي ڪل ايراضي 5000 چورس ڪلو ميٽر آھي۔ اڄ ڪالھ نگر 3 سب ڊويزنن تي مشتمل آھي ۽ ھي ضلعي گلگت ۾ واقع آھي۔ ھن جي ڪل آبادي تقريباً 85000 ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي۔

نگر
نگر

آبھوا سنواريو

نگر جي آبھوا سياري ۾ شديد ٿڌي ا۽ گرمين ۾ موسم خوشگوار ھوندي آھي۔ سياري ۾ ٿڌ -10 تائين ھوندي آھي جڏھن ته گرمين ۾ 15 سينٽي گريڊ تائين گرمي پد آھي۔

نگر جا ڳوٺ سنواريو

  • نگر خاص
  • ھوپر
  • ھسپر
  • سمائر
  • اسقرداس
  • ڦڪر
  • يل
  • مناپن
  • غلمت
  • جعفر آباد
  • سڪندر آباد
  • ڇلت
  • بر
  • بڊالاس

ماڻھو سنواريو

نگر جا ماڻھو تمام گھڻو مھمان نواز آھن۔ ھتان جا ماڻھو پرسکون آھن ۽ پنھنجي مھمانن يعني سیاحن جو خيال رکندا آھن. ھتان جا ماڻھو بروشسڪي (اڪثريت) ۽ شينا ڳالھائيندا آھن۔ ان کان علاوه اردو تقريباً سڀ ڳالھائيندا آھن۔ جڏھن ته انگريزي ھر پڙھيو لکيو شخص ڳالھائي سگھي ٿو۔

تاريخ سنواريو

نگر جي تاريخ تما پراڻي آھي. ھي پھريان بروشال جي نالي سان مشھور ھو جنھن جي گاديء جو ھڌ ڪيپل ڊونگس ھو۔ جتان جو بادشاھ ٿم چورائيندو ھو۔ ۽ ھي اڄ جي نگر ۽ ھنزه تي مشتمل ھو۔ جيئن ته ڪيپل ڊونگس جي چئني طرف برفاني گليشر ھيا جن جي وڌڻ سان اتان جو آبپاشي جو نظام سخت متاثر ٿيو۔ اتان کان اچي ڪري ماڻھو ھوپر ۾ آباد ٿيا۔ ان کان بعد راجا ميور خان جي پٽن (مغلوٽ ۽ گرڪس بروشال کي نگر ۽ ھنزه ۾ تقسيم ڪيو۔

نگر جي بادشاھن جا نالا:

  • مغلوٽ۔
  • ازر۔
  • شمشير۔
  • سلطان۔
  • فضل خان۔
  • دوت خان۔
  • علي داد۔
  • کمال خان۔
  • رحيم خان ۔
  • ببراللہ خان۔
  • سلطان خان۔
  • ازر خان۔
  • حبي خان۔
  • الف خان۔
  • زعفرزاھد خان۔
  • محمد خان۔
  • عذر خان۔
  • سڪندر خان۔
  • شوڪت علي خان۔

ھنزه نگر جا جبل سنواريو

نگر ۾ تمام گھڻا ننڍا وڏا جبل آھن جن ۾ راڪاپوشي (7788) ميٽر،گولڊن پيڪ (7027) ميٽر، ديران (7275) ميٽر ان کان علاوه بيافو گليشير خاص طور تي مشھور  آھن۔

اينگلوبروشو جنگ سنواريو

نگر ۽ ھنزه ننڍڙيون رياستون ھيون ۽ ھي پنھنجي آمدني جو گھڻو حصو چین کان ايندڙ تجارتي قافلن کي لٽي ڪري حاصل ڪنديون ھيون۔ جيئن ته انگريز ھتان کان روس تائين تجارت ڪرڻ چاھن پيا پر ھي رياستون ايئن ڪرڻ کان روڪي رھيون ھون ان ڪري 1891 ۾ ڪرنل ڊيورنڊ جي سربراھي ۾ نگر تي حملي جو فيصلو ڪيو ويو۔ ۽ نگر جي طرف چڙھائي شروع ڪئي وئي۔ انگريزن ڇھ مھينن تائين نلت قلعي جو گھيراءُ ڪيو۔ آخرڪار ھڪ غدار جي مدد سان انگريز فوج قلعي جي مٿان واري چوٽي تي پھچي وئي۔ ۽ قلعي تي حملو ڪيو ۽ ايئن نگر جي ھزارن سالن تي مشتمل آزادي ختم ٿي وئي۔ ھن جنگ ۾ انگريز فوج کي چار وڪٽوريه ڪراس مليا جيڪي اصل نگر جي ننڍڙي فوج جي بھادري جو اعتراف آھن۔

محل وقوع سنواريو

نگر جي اولھ ۾ گلگت، اوڀر ۾ چين ،اتر ۾ ھنزه ۽ ڏکڻ ۾ بلتستان آھي۔ گلگت کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نگر جي پھرين آبادي ڇلت اچي ٿي جيڪا نگر جي اتر ۾ واقع آھي ھي اتر جي طرف نگر جي واحد آبادی آبادي آھي۔

رياست نگر جي گاديء جو ھنڌ سنواريو

رياست نگر جي گاديء جو ھنڌ ڊونگس نگر خاص ۾ واقع ھو جتي بادشاھ جو محل ۽ درٻار ھاڻي تايئن موجود آھي۔ ھي گاديء جو ھنڌ مغلٽ شاھي جي آخري بادشاھ مير شوڪت علي خان تائين قائم رھيو.

اتر جي آزاديءَ ۾ نگر جو ڪردار سنواريو

ھونءَ ته اترين علائقن جي ڊوگرن کان آزاديء ۾ سڄي اتر جي ماڻھ جو ڪردار آھي۔ پر نگر جو ڪيپٽن بابر خان اھو پھريون شخص ھو جنھن ڊوگرن جي خلاف بغاوت شروع ڪئي۔ پوءِ ان ۾ نگر جو ئي ڪرنل احسان علي خان (جنھن کي انگريز فوج ۾ اترين علائقن جو پھريون ڪميشنڊ آفيسر ٿيڻ جو اعزاز حاصل آھي) به شامل ٿيو ڪرنل مرزا حسن خان جو تعلق نگر سان ھو۔ پوءِ حب اترين علائقن جي ظالم ميرن جي ظلم جي خلاف  جيڪڏھن بغاوت شروع ٿي ته اھا به نگر کان ٿي۔

پڻ ڏسو سنواريو

  • جاگرافي گلگت بلتستان
  • گلگت بلتستان جا ضلعا