هنر (Craft/Hunur) فارسي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪاريگري يا ڪاريگريءَ جو ڪم. لوڪ ادب سلسلي جو هڪ سندر سخن آهي ، جنهن ۾ سگهڙ پنهنجو عقل بيتن (ڏوهيڙن) جي انداز ۾عام ماڻهن اڳيان پيش ڪندا آهن. هو پنهنجي منظوم سٽاءَ ۾ ڪيئي ڳجهه (راز) سمائيندا آهن، جن جي معنيٰ نهايت اونهي (ڳوڙهي) هوندي آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ وڏي عقل جي ضرورت پوي ٿي. هنر کي ڳجهارت جو نمونو به چئي سگهجي ٿو.. هنر جا هونئن ته گهڻا ئي قسم آهن، مگر مکيه چار (سرائتا هنر، بي سرا هنر، چير وان هنر ۽ عام رواجي هنر) آهن. پرولي، ڏور، سينگار ۽ ڳجهارت ۾ ڏنل بيتن کي هنر چئبو آهي. هنر جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.: کڻي آيا کوهه تان، اهي خان کُٽن، ڪڏهن ويٺا ڪينڪي، اهي خان کَٽن ”حمل“ چوي هٿ هيروان، اهي خان کٽن اهي خان کٽن، جي سرنديءَ ٽرن سومرا هن هنر ۾ ’کٽن‘ لفظ جي چير ڪري، اصل معنيٰ ظاهر ڪئي ويندي آهي. مثلاً: کٽن = ڪامياب ٿين، کٽن= کٽولن، کٽن= کٽين شين، لسي، ڌونئرو وغيره.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.