همه اَز اوست يا ھمه اوست فارسي مقولو آهي، جنهنجي لفظي معنيٰ آهي ”هم= سڀ+آز=کان+اُو=اُهو (الله) اَست= آهي.“ يعني ”سڀ ڪجهه خدا تعاليٰ جي طرفان ئي آهي.“ صوفين جي هڪ گروھ مطابق، دنيا جي هر هڪ شيءَ الله تعاليٰ جي ئي پيدا ڪيل آهي؛ يعني هر هڪ چيز جو جوڙيندڙ يا ٺاهيندڙ خود خدا آهي. تنهن ڪري هو انهيءَ ڳالھ تي ڀروسو رکن ٿا تہ، جا بہ شيءَ دنيا ۾ نظر اچي ٿي، سا الله تعاليٰ جي طرفان ئي آهي ’همه اوست‘ يا ’وحدت الوجود‘ جي ابتڙ، صوفين جو ٻيو حلقو ڪائنات جي هن تعبير کي نہ رڳو مڃي نٿو، پر اهڙي تصور وارن صوفين کي ”ملحد ۽ زنديق“ جي لفظن سان ياد ڪري ٿو. حسين بن منصور حلاج ۽ ٻيا صوفي، جيڪي وحدت الوجود/همه اوست جا حامي هئا، انهن خلاف فتوائن ڏيڻ ۽ سزائن ڏيارڻ ۾ ان ٻئي قسم جي سوچ وارن جو دخل رهيو آهي. جيڪي صوفي ’وحدت الوجود‘ يا ’همه اوست‘ کي نٿا مڃين، اُهي ’وحدت الشهود‘ يا ’همه از اوست‘ ۾ يقين رکن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته خالق ۽ مخلوق جي وجود کي ’هڪ وجود‘ قبول ڪرڻ، حقيقت ۽ شريعت جي خلاف آهي. سندن چوڻ آهي تہ اسلامي تعليمات جو بنياد شريعت آهي، جنهن موجب خالق ۽ مخلوق جا ٻہ وجود آهن، هڪ ’وجود امڪاني‘ ۽ ٻيو ’وجود وجوبي‘. ان نقطئہ نظر کي ’وحدت الشهود‘ يا فارسي اصطلاح موجب ’همه از اوست‘ سڏيو وڃي ٿو. حضرت مجدد الف ثاني، هن نقطئہ نظر جو وڏو شارح هو[1].

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي