ھس

ڳجيءَ ۾ پايو ويندڙ زيور

هس ڳچيء جي ھڪ زيور جو نالو. چانديءَ مان ٺھندو آهي ۽ اٽڪل اڌ سير کن جو ٿيندو آهي: پر ننڍين ڇوڪرين لاءِ ڏيڍ پاءُ جو ٿئي. هس جو وچ ٿلهو ۽ پاسن ڏانهن آهستي آهستي سنهو ٿيندو ويندو آهي، ۽ آخري حصو، يعني پٺيون حصو، ٿورو کليل ۽ سنهو ٿيندو آهي، جنهن تي سنهي گلڪاري هوندي آهي. باقي پٺئين حصي تي، منھن وٽ، هڪ گول داڻي جيان ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ پٺيان ڳچيءَ ۾ نہ لڳي، ۽ خوبصورت بہ ٿئي. هي شاديءَ ۾ ڪنوار کي پارائبو آهي.[1]

  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ اي شيخ؛ جون 1995ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.