ميٿي جنهن کي هرٻو يا حرٻو بہ ڪري سڏيندا آهن، ھڪ عام ڀاڄي آهي، جنهن جا پن ساڳ وانگي ڪم اچن ٿا. پالڪ سان گڏ پوکبي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ فينو گريڪ چون ٿا.[1]

طب سنواريو

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي: ميل: گيهه، عيوض: تخم شلغم، وزن: پنج ماسا. سڃاڻپ: حرمري جي داڻن کان ٿلها، ڀوري رنگ جا گول ٻج جا داڻا آهن.

غليظ وائي بادي تحليل ڪن ٿا، چيلھ، پٺن جي سور، ٻرهل ۽ جگر جي سوڄ، بواسير جي رت، سيني جي بلغم، سيني جي سور، کنگھ ۽ دمڪشيءَ ۾ مفيد آهن. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. هن جي لپري سورن ۽ سوڄن جي جاين تي ضماد ڪجي تہ فائدو ڪندي.[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  2. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.