ھرمان گوئرنگ
ھرمان ولھيم گوئرنگ (Hermann Wilhelm Goring؛ جنم: 12 جنوري، 1893ع ۽ وفات: 15 آڪٽوبر، 1946ع) جرمني جو سياسي ۽ فوجي اڳواڻ ھيو جيڪو سال 1933ع کان 1945ع تائين جرمني تي حڪومت ڪندڙ نازي پارٽي ۾ ھڪ طاقتور شخصيت ھيو. پھرين جنگ عظيم جو جھونو ويڙھاڪ پائليٽ جنھن کي "بلو ميڪس" (Pour le Mérite) نالي اعزاز پڻ ملي چڪو ھو.
ھرمان گوئرنگ | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
گوئرنگ جنوري 1945ع ۾ | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
سورھون جرمني جي ريخسٽاگ جو صدر | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
عهدو سنڀاليو 1 مارچ، 1935ع – 23 اپريل 1945ع | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
صدر |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
چانسلر |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پيشرو | پائول لوب | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
جانشين |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پروشيا جو منسٽر پريزيڊنٽ | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
عهدو سنڀاليو 10 اپريل 1933ع – 23 اپريل 1945ع | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
گورنر |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پيشرو | فرانز فان پاپين | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
جانشين | عھدو ختم | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پروشيا جو ريخ اسٽيٽ ٿالٽر | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
عهدو سنڀاليو 25 اپريل، 1933ع – 23 اپريل، 1945ع | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
وزير اعظم | پاڻ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پيشرو | ايڊولف ھٽلر | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
جانشين | عھدو ختم | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لفتويف جو سپريم ڪمانڊر | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
فيوھرر | ايڊولف ھٽلر | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پيشرو | عھدو ختم | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
جانشين | رابرٽ رٽر فان گريئم | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ذاتي تفصيل | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
پيدائش | ھرمان ولھيم گوئرنگ 12 جنوري 1893 روزنھيئم، بويريائي بادشاھت، جرمن ايمپائر | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
وفات | 15 آڪٽوبر 1946 (عمر 53 سال) نورمبرگ، بويريا، اتحادي قبضي وارو جرمني | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
سياسي جماعت | نازي پارٽي (NSDAP; 1922–1945) | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
جيون ساٿي |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ٻار ٻچا | ايڊا گوئرنگ | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ماءُپيءُ |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
رهائش | ڪئرن ھال | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ڪرت |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ڪابينا | ھٽلر جي ڪابينه | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
دستخط | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
فوجي خدمتون | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
فرمانبرداري |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
سروس/شاخ |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
سال خدمتون |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
عهدو |
| ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ڪمانڊر | Jagdgeschwader 1 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
لڙائيون/جنگيون | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
اعزاز |
نازي پارٽي جو شروعات وارو رڪن ھيو جيڪو سال 1923ع واري بغاوت ۾ پڻ شامل ٿيو ھو ۽ زخمي ٿي پيو ھو. علاج دوران کيس مارفين واپرائڻ جي عادت پئي جيڪا مرڻ گھڙيءَ تائين جاري رھيس. سال 1933ع ۾ جڏھن ھٽلر جرمني جو چانسلر ٿيو تہ گوئرنگ ڪابينه جو رڪن ٿيو پر کيس ڪو بہ کاتو نہ ڏنو ويو هو پر کيس گسٽاپو جي قيام واري مرحلي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو ۽ ھن گسٽاپو سال 1934ع ۾ ھينرخ ھملر جي حوالي ڪئي ھئي. نازي رياست جي قيام بعد گوئرنگ رياست جو ٻيون نمبر طاقتور ماڻھو ھيو. ھي جرمني جي ھوائي فوج، "لفتويف" جو ڪمانڊر پڻ مقرر ٿيو ۽ نازي رياست جي خاتمي تائين ان عھدي تي برقرار رھيو.
خاندان، تعليم ۽ نوڪري
سنواريوھيءُ جرمنيءَ جي بئويريا صوبي جي ڳوٺ روزنھيم ۾ 12 جنوري 1893ع تي ڄائو ھو[1]. ھن جو پيءَ ڏکڻ الھندي آفريڪا جي جرمن ڪالونيءَ ۾ گورنر جنرل ھو[1]. ھن جي پيءُ جو نالو ھينرخ ارنيسٽ گوئرنگ ھيو جيڪو شروعات ۾ جرمن فوج ۾ ڪيولري آفيسر ھيو. ھرمان ان جو چوٿون ۽ ٻي گھرواري مان پھريون ٻار ھيو. جڏھن ھرمان پيدا ٿيو تہ سندس پيءُ ھيٽي ۾ جرمن ڪائونسليٽ جنرل ھيو.
اھڙيءَ طرح وڏي بيٺل خاندان جي فرد ھئڻ سبب، ھيءُ بھترين تعليم حاصل ڪري، 21 سالن جي عمر ۾، جرمن فوج جي ھوائي جھازن واري شعبي ۾ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اُتي ھو 1915ع ڌاري اسڪواڊرن ليڊر ٿيو[1]. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت ھن مخالفن جا ٽيويھ (23) ھوائي جھاز ڪيرايا ھئا، جنھن ڪري ھن کي وڏو تمغو انعام مليو ھو[1].
پھرين جنگ عظيم بعد
سنواريوجنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين جيڪي شرط جرمنن تي مڙھيا ھئا، انھن ۾ ھڪ اُھو به ھو ته گوئرنگ جي ھوائي جھازن جي اسڪواڊرن کي زوريءَ تباھ ڪرايو ويو ھو. ان جو ھن کي سخت صدمو ھو. اُن ڏينھن کان ھن فيصلو ڪيو ھو ته اُن بيعزتيءَ ۽ ظلم جو ھڪ ڏينھن ھو ضرور انتقام وٺندو[1]. ان کان پوءِ جرمنيءَ ۾ حالتون رھڻ جي لائق نه ڏسي، ھي پھرين ڊينمارڪ ۽ پوء سئيڊن وڃي رھيو. ھوائي جھازن جي فوڪر ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. ۽ پوء سويڊن جي سوينسڪ لوفٽريفڪ ايئرلائينز ۾ نوڪري ڪيائين ان بعد اُتي ھڪ خاندان گھر جي عورت بئرونيس ڪرينفاڪ سان شادي ڪيائين. سڄو وقت ان سان وفادار رھندو آيو. اُن جي انتقال بعد ٻي شادي ڪيائين[1]. 1922 ۾ ھي ھٽلر سان مليو ۽ نازي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
نازي پارٽي ۽ سياست
سنواريوھي ھٽلر جي تقرير ٻڌي متاثر ٿي نازي پارٽي ۾ شامل ٿيو ھو. کيس 1923ع ۾ نازي پارٽي جي نيم فوجي ونگ اشٽوما ٽائلنگ (Sturmabteilung) جو سپرہم ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. ان عھدي کي جرمن ٻوليءَ ۾ اوبيرسٽر ايس اي فيوھرر چوندا ھئا. بعد م ھي ان ونگ جو گروپن فيوھرر يعني ليفٽيننٽ جنرل مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1945ر تائين فائز رهيو.
ھٽلر سان گڏ
سنواريوجڏھن جرمنيءَ ۾ قومي ھلچل زور ورتو، ته ھيءُ موٽي ملڪ آيو ۽ ھٽلر جو دست راست ٿي، ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ نيٺ سندس جنگي صلاحڪار بڻجي ويو. عمدين ڊريسن پھرڻ، سٺي کاڌي کائڻ، نمائشي زندگي گزارڻ سان خاص دلچسپي ھيس. ھن جرمنيءَ جي ھوائي ٻيڙي کي خاص طرح زور وٺايو. جنگي فن ۾ خاص مھارت ھيس[1].
ٻي جنگ عظيم
سنواريوسندس حملا اھڙا رٿائتا ۽ مؤثر ھوندا ھئا، جو ٿوري وقت اندر وڏيون طاقتور فوجون، جرمن حملي جو تاب جھلي نه سگھنديون ھيون[1]. ھزارھا ھوائي جھازن، ٽئنڪن، ھٿياربند گاڏين، موٽر سائيڪل دستن ۽ جديد ھٿيارن سان دشمن تي اچانڪ ۽ ڀرپور حملو ڪندو ھو. آسٽريليا، زيڪوسلويڪيا، بيلجم، ھالنڊ، پولينڊ ۽ فرانس تي انھيءَ طوفاني ڀرپور حملن واري طريقي سان ئي ھُن ٿوري ٿوري عرصي ۾ تسلط ڄمائي ورتو. انگريزن کي ڊنڪرڪ واريءَ شڪست ڏيڻ جو به ھن جي سِر تي سھرو ھو[1]. جيڪڏھن ھٽلر بھترين جرمن ليڊر ثابت ٿيو ته گوئرنگ بھترين فوجي سپھ سالار ھو. گوئرنگ پنھنجي معجزي جھڙين جنگي ڪاميابين سان، جرمن فوج تي بنھ جادو ڪري ڇڏيو، ۽ ھو انڌاڌنڌ سندس پٺيان ھلندا ھئا. گوئرنگ جي جرمن لشڪر ۽ ھٿيارن جو ساريءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل ھو[1].
آخري وقت ۽ موت
سنواريوجنگ جي خاتمي وقت کيس اتحادي فوج گرفتار ڪيو ۽ ان تي نورمبرگ ۾ جنگي ڏوھن جو مقدمو ھلايو ويو. ھن ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
218 ڏينھن تي مشتمل مقدمي جي پوري ٿيڻ تي 30 سيپٽمبر 1946ع تي کيس الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. گوئرنگ اپيل ڪئي ھئي تہ کيس ڦاسي جي عيوض فوجين وانگر گولي ھڻي ماريو وڃي پر ڪورٽ ان جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ڦاسي واري رات ھن پوٽيشيم سائنائيڊ جو ڪيپسول کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.
سندس لاش کي چتا ۾ ساڙيو ويو ۽ خاڪ درياء ۾ ڦٽي ڪئي وئي.