ھجي (Syllable) ڳالهائڻ جي آوازن جي ترتيب ۾ هڪ بنيادي يونٽ آهي، جيئن ڪنهن لفظ ۾، جيڪو عام طور تي هڪ سِلبل نيوڪليئس (گهڻو ڪري هڪ واول) تي مشتمل هوندو آهي ۽ ان سان گڏ اختياري طور تي ابتدائي ۽ آخري ڪنارا (عام طور تي ڪانسوننٽس) هوندا آهن. سِلبلز کي اڪثر لفظن جا فونولوجيڪل "بلڊنگ بلاڪس" سمجهيو ويندو آهي. اهي ڪنھن بہ ٻولي جي رڌم، ان جي پراسوڊي، شاعريءَ جي وزن، ۽ ان جي زور جي نمونن تي اثر انداز ٿين ٿا. عام طور تي ڳالهائڻ کي سِلبلز ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مثال طور، انگريزيءَ جو لفظ ignite ٻن سِلبلز تي مشتمل آهي: ig ۽ nite، ۽ سنڌيءَ ۾ لفظ پاڻي ٻن سِلبلز تي مشتمل آهي: پا ۽ ڻي.

سِلبلڪ لکت جي شروعات سڀ کان پھرين اکرن کان ڪيترائي سال اڳ ٿيو. سڀ کان پراڻا سِلبلز 2800 ق.م ۾ سومير جي شھر ار ۾ لکيا ويا هيا. تصويرن (pictograms) کان سِلبلز ڏانهن هن تبديلي کي "لکت جي تاريخ ۾ سڀ کان اهم ترقي" چيو وڃي ٿو.

هڪ اهڙو لفظ جيڪو صرف هڪ سِلبل تي مشتمل هجي (جھڙوڪ انگريزي لفظ dog ۽ سنڌي لفظ گهر) کي مونو سِلبل (monosyllable) چيو ويندو آهي ۽ ان کي مونو سِلبيڪ (monosyllabic) بہ چيو ويندو آهي. اهڙن ئي ٻين اصطلاحن ۾ شامل آهن:

- ڊاءِ سِلبل (disyllable) يا باءِ سِلبيڪ (bisyllabic) ٻن سِلبلز جي لفظ لاءِ، جھڙوڪ انگريزي لفظ table ۽ سنڌي لفظ ٻاري (ٻا + ري)
- ٽراءِ سِلبل (trisyllable) يا ٽراءِ سِلبيڪ (trisyllabic) ٽن سِلبلز جي لفظ لاءِ، جھڙوڪ انگريزي لفظ family ۽ سنڌي لفظ اداسي (ا + دا + سي)
- پولي سِلبل (polysyllable) يا پولي سِلبيڪ (polysyllabic)، جيڪو يا تہ ٽن کان وڌيڪ سِلبلز واري لفظ لاءِ يا ڪنھن بہ هڪ کان وڌيڪ سِلبلز واري لفظ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جھڙوڪ انگريزي لفظ education ۽ سنڌي لفظ تعليمات (تع + لي + مات).