ھاشومر (انگريزي: Hashomer)(عبراني: השומר‎‎, ھڪ يھودي نيم فوجي تنظيم جو نالو آهي. لفظ ھاشومر عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آھي چوڪيدار. ھن تنظيم جو بنياد 12 اپريل 1909 ۾ يھودي آبادين جي حفاظت لاء پيو. اھا بار گيورا (Bar-Giora) گروپ جو اضافو ھيو. 1920 ۾ ھگانا جي بنياد پوڻ تي ھن تنظيم کي ختم ڪيو ويو.

ھاشومر
Hashomer

ھاشومر تنظيم جو جھنڊو The Flag of Hashomer
سرگرم 1909-1920
تحليل 1920
ملڪ خلافت عثمانيہ, Yishuv, مينڊيٽ وارو فلسطين
نوعيت نيم فوجي تنظيم
ڪردار يھودي آبادين جي حفاظت
ھاشومر جا رڪن 1909 ۾
ھاشومر جا رڪن

ھن تنظيم جو بنياد سوشلسٽ صيھونيت جي پوئلڳن وڌو. ان کان اڳ بار گيورا جو بنياد 29 سيپٽمبر 1907 ۾ پيو ھو.ھي تنظيم مقامي يھودين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي. 1920 ۾ ھڪ وسيع پيماني تي دفاعي تنظيم ٺاھڻ جي ضرورت پيدا ٿي جنھن مطابق ھگانا جو بنياد رکي ھن تنظيم کي ٽوڙي ختم ڪيو ويو.