ھاروت ۽ ماروت قرآن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ اھي ٻن فرشتن جا نالا ھيا. جڏھن بني اسرائيلن کي بابل جي بادشاھ انھن جي سلطنت ختم ڪري غلام بڻايو ھو تہ ان وقت اھي ٻہ فرشتا خدا انھن ڏي موڪليا ھيا.

والٽر واري 659 واري مسودي ۾ ھاروت ۽ ماروت ملائڪن کي لڙڪندي ڏيکاريل

سورةالبقرہ جي آيت نمبر 102 ۾ بيان ٿيل آهي تہ:

۽ اُھي (يھودي توريت جي پيروي ڇڏي) اھڙن (باطل علمن) جي پٺيان لڳا جيڪي سليمان جي ملڪ ۾ شيطان پڙھندا ھئا، ۽ سليمان (جادوءَ ڪرڻ جو) ڪفر نہ ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻھن کي جادو سيکاريندا ھئا ۽ پڻ (ان جي پٺيان پيا) جيڪي (اسماءَ الھيءَ جا اسرار) ٻن ملائڪن ھاروت ۽ ماروت تي بابل (شھر) ۾ نازل ٿيا ھئا، ۽ اھي ٻئي (اُنھن علمن مان) ڪجھ بہ ايسين ڪنھن ھڪڙي کي نہ سيکاريندا ھئا جيسين (ھيءُ نہ) چوندا ھئا تہ اسين رڳو آزمائش آھيون تنھن ڪري (اُن کي بيجا ڪم ۾ آڻي) ڪافر نہ بڻج. پوءِ کانئن اُھو سکندا ھئا جنھن سان مڙس ۽ سندس زال جي وچ ۾ ڦيٽو وجھندا ھئا، ۽ اُھي ان سان ڪنھن ھڪڙي کي الله جي حڪم کان سواءِ نقصان پھچائيندڙ نہ ھئا ۽ جيڪا کين نقصان ڏيندي ۽ کين فائدو نہ ڏيندي سا سکندا ھئا ۽ بيشڪ ڄاتائون ٿي تہ جنھن اُھا ورتي تنھن کي آخرت ۾ ڪو نصيب نہ آھي ۽ جنھن سان پاڻ کي وڪيائون سا ضرور بڇڙي آھي. جيڪر ڄاڻن ھا (تہ پاڻ پلين ھا!)

— القرآن

تفھيم القرآن ۾ مولانا مودودي ھن آيت جي تفسير ۾ ٻڌائي ٿو تہ پيغمبر لوط ڏي ملائڪ خوبصورت ڇوڪرن جي روپ ۾ آيا ھيا ان جي ڪري ممڪن آ تہ بابل ۾ ھاروت ۽ ماروت پيرن ۽ فقيرن جي روپ ۾ آيا ھجن.