هائپر لوپ(انگريزي: Hyperloop ) ٽرين هڪ اهڙي گهٽ پريشر واري ٽيوب ۾ هلي ٿي، جنهن مان گهڻي ڀاڱي هوا ڪڍي خالي ڪيو ويندو آهي. زمين تي موجود ڪنهن به شئي جي رفتار ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هوا جي گاٺ هوندي آهي. هوا جي گهاٺ ختم ٿيڻ کانپوءِ هائپر لوب ٽرين نه رڳو تمام گهڻي تيزي سان هلي ٿي، پر توانائي لاءِ ٻارڻ به تمام گهٽ ڪتب آڻي ٿي. هائپر لوپ ٽرين هاڻوڪي مقناطيسي لويٽيشن ٽرين کان ٻيڻي رفتار سان هلي سگهندي. هن وقت مقناطيسي ليويٽيشن ٽرين جي لڳ ڀڳ سراسري رفتار 268 ميل في ڪلاڪ آهي.

ھائپر لوپ ٽرين جو خيال تصوير ۾ ڏيکاريل

آمريڪا جي شھر لاس اينجلس جي هڪ ڪمپني هائپر لوب سسٽم تي اڳم ئي ڪم ڪري پئي ۽ هن هائپر لوب ٽرين جو آزمائشي تجربو اڳواٽ ئي لاس ويگاس جي هڪ ريگستان ۾ ڪاميابيءَ سان ڪري چڪي آهي.

ڪوريا به هن ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ چاهي ٿي ۽ ڪوريا ريل روڊ ريسرچ انسٽيوٽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوريا به جلد ئي هن ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀري ٿي ويندي. ڪوريا جي ڪمپني، جنهن هائپر لوپ ٽرين ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ ڪوريا ٽائمز جو چوڻ آهي ته وڌ کان وڌ 767 ميل في ڪلاڪ جي تيز رفتاريءَ سان هلي سگهندي، اها رفتا لڳ ڀڳ آواز جي رفتا جي برابر آهي.

دٻئي ۾ پڻ هائپر لوپ سسٽم جي حوالي سان ويچارَ هلي رهيا آهن ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ ان ٽرين کي دٻئي ۾ هلايو ويندو.[1]

ايلون مسڪ، جنھن ھائپر لُوپ جي نالي سان ھڪ نئين ڪَلپناتي ٽرانسپورٽ نظام جي رِٿا پيش ڪئي آھي. ھن جي ذريعي زمين جي سطح تي گھٽ دٻاءُ واري ٽيوب ۾ گھٹي دٻاءُ واري ڪيپسول جي ذريعي سفر ڪيو ويندو. ھوا جي دٻاءُ جي اِنھي تفاوت جي ڪري ئي ڪيپسول نھايت تيز رفتاريءَ سان پنھنجي منزل تي رَسندي.[2]

جيڪڏھن ھيءَ نظام لاڳو ڪيو ويو تہ پوءِ ريل گاڏي ۽ ھوائي جھاز جي سفر جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ وقت ۾ پنھنجي منزل تي پھچي سگھبو.

جنھن جو ڪاٿو تقريباً 1500 ڪلوميٽر (930 ميل) في ڪلاڪ ھوندو.[3]

حوالا سنواريو