ڳڻڪ
ڳڻڪ (مضروب فيه) : ڪو ايفيشنٽ (Co-efficient): پر جيڪڏهن ڀيٽ ۾ ٻئي عدد جدا جدا قسمن جا آهن ته اهڙي حالت ۾ عدد جي شرح ظاهر ڪئي ويندي جيئن موت جي شرح، شادي جي شرح، يا بيمارن جي شرح ڇاڪاڻ ته اهي سڀ جدا جدا قسم آهن تنهن ڪري انهن جي ڀيٽ نسبت جي لحاظ کان ڪانه ڪئي ويندي. پر شرح جي لحاظ کان لکي ويندي. اهڙي طرح شرح هميشه سيڪڙي ۾ لکي ويندي آهي، جيئن (Rate Percent) شرح جو سيڪڙو يا هڪ ميل جي شرح وغيره. پر انگن اکرن ۾ ڪنهن ايڪي جي شرح کي انگريزي Statistical Co - Efficient ۽ سنڌي ۾ ڳڻڪ چيو ويندو. هن جو طريقو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي شرح 30 سيڪڙو 10000 تي آهي ته انهن جي ڳڻپ ٿيندي 03. يعني يعني 1000 جي شرح 30 آهي ته هڪ جي ٿيندي 03. جنهن کي انگن اکرن ۾ ڳڻڪ (Co - efficient) چيو ويندو. مٿي ٻڌايل سڀ طريقا يا اصطلاح انگن اکرن ۾ گروهي نسبت لاءِ ڪم آندا ويندا آهن ته جيئن ساڳئين شين کي يا جدا جدا شين کي ڪيئن مختصر ڪري ڀيٽي سگهجي ٿو. مثال جيڪڏهن ٻن اسڪولن جي شاگردن جو نتيجو سيڪڙي ۾ ڪڍڻو آهي. سمجهو ته: (1) اسڪول الف ۾ ڪل 1500 شاگرد آهن جن مان 1200 ڪامياب ٿيا. (2) اسڪول ب ۾ ڪل 2000 شاگرد آهن، جن مان 1500 ڪامياب ٿيا. هن ۾ اهو ڏسڻو آهي ته نتيجو اسڪول الف جو سٺو آهي يا ب جو - اسڪول الف : ظاهر ۾ بي اسڪول جو نتيجو سٺو آهي، ليڪن سيڪڙو ۾ الف اسڪول جي نتيجو سٺو آهي. اهڙي طرح سان عددن جي ڀيٽ ۾ سيڪڙو وڌيڪ مددگار ٿئي ٿو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}