ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري

ڳوٺ سوڀو دولتاڻي لغاري (Goth Sobho Doltani Laghari) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ يونين ڪائونسل ٽوڙ ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي،[1] جيڪو سوڀي خان دولتاڻي لغاري آباد ڪيو هو. سوڀو خان دولتاڻي دولت خان لغاري جو پونير هو جنهن جا وڏڙا ڪلهوڙن ۽ٽالپورن جي دور ۾ ديري غازي خان مان اچي ڪاڇي ۾ آباد ٿيا هئا. هن ڳوٺ ۾ پرائيمري تائين تعليم جي سهوليت موجود آهي.[2][3]