ڳجھڙ
يو سي 37 ڳجھڙ (انگريزي: U C 37 Gujhar) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 1 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,098 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳجھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو ڏوڪري شھر سان لڳولڳ رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪپ لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جوڻيجا، ھليا، سانگھرو، انڙ، کوکر، جروار، ڍڪڻ ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ بابل جروار، ڳوٺ فيض محمد کوکر، ڳوٺ ڳجھڙ، ڳوٺ مانھڙا، ڳوٺ مانڌڙا، ڳوٺ حاجي عبدالڪريم انڙ، ديھ ببوڙي (آبادي 3,571)،ديھ ڏوڪري (آبادي 5,968)، ديھ ڳجھڙ (آبادي 3,559) , ڳوٺ ڍڪڻ ۽ ٻيا شامل آهن.
ڳجھڙ يو سي 37 ڳجھڙ | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 1 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°22′53″N 68°03′50″E / 27.38139°N 68.06389°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
تعلقو | ڏوڪري تعلقو |
ٿاڻو | ڏوڪري ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 13,098 |
ڪائونسل
سنواريويونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غلام اڪبر جوڻيجو ۽ وائيس چيئرمين پير بخش ھليو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڳجھڙ جو خان محمد سانگھرو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
سنواريوھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ جوڻيجو سرڪاري اسپتال، ڳجھڙ واري سرڪاري ڊسپينسري واقع آھن.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
سنواريوڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
سنواريوھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ھي يو سي ڏوڪري شھر لڳ آھي ۽ شھر جي ديھ ڏوڪري پڻ ھن يو سي ۾ اچي ٿي. ڏوڪري شھر جي موئن جو دڙو نالي سان ريلوي اسٽيشن پڻ ھن يو سي ۾ واقع آهي. چانورن جي تحقيق جو مشھور رائس رسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري پڻ ھن يو سي ۾ واقع آهي. ھن يو سي مان ڏوڪري شاخ پڻ وھي ٿي.