ڳاڙهي ٽنڊڻي گدرن، هنداڻن ۽ ونگن جي سلن کي نقصان رسائينديڙ جيت آھي. ھي ڄاڻايل ميون جي سلن جا تازا ساوا پن کائي وينديون آهن، جنھنڪري اهي وليون وڌڻ کان بيھي وينديون آهن. علاج اهو آهي تہ ڪنھن کوکي جو مٿيون ۽ هيٺيون تختو ڪڍي انهن ولين جي مٿان رکجي، پوءِ ان جي مٿان ڪو ڄاريءَ جو ٽڪر وجهي ٻڌي ڇڏجي. جڏهن وليون وڏيرڙيون ٿينديون آهن تڏهن ٽنڊڻيون انھن کي ڪين چونديون آهن.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.