ڳاڙھا مرچ
لال مرچ هنن کي ڳاڙهيون مرچون به سڏيندا آهن. ڪچيون ڀاڄيءَ جي ڪم ۾ اينديون آهن، پڪيون آليون خواه سڪل مصالح ۽ اَچار جي ڪم ۾ اينديون آهن. هنن جا پنج قسم مشهور آهن، پر انهن مان به ٻه مکيه آهن. وڏيون ته ماڻهن جي آڱر جيڏيون ٿينديون آهن ۽ ننڍيون ڏيڍ انچ جيڏيون ٿينديون آهن. هي جدا جدا رنگن جون ٿينديون آهن- واڱڻائي، کهنبيون، پيليون، ڪاريون، سايون. هنن مان ڪي ڊگهيون ۽ ڪي گول ٿينديون آهن. کائڻ ۾ ڪي تيز ۽ ڪي ڦڪيون ٿينديون آهن. ٻج ڪڏهن به پوکبو ته ڦٽندو. سارو سال ڦر لهي سگهي ٿو. ڇانوري ۾ چڱيون ٿينديون آهن. ٻج هٿ سان ڇٽبو آهي ۽ جڏهن سلا ڇهه انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪڍي ڪسين ۾ رکجن. اها خدمت خاص انگريزي ٻج جي ٿيندي آهي. لال مرچ کي انگريزيءَ ۾ چيلي يا ڪاپسيِڪم چون ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو