گُگھ (انگريزي ٻولي: Greater Coucal) ڳاڙهسرو پکي ٿئي ٿو. بدن ۾ باز جيترو ٿئي ٿو. منهن مادي ڪڪڙ جهڙو ٿئيس ٿو. وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ آنا لاهي ٿو. تمام سياڻو پکي ٿئي ٿو. هلڪا پکي شڪار ڪري کائيندو آهي. اُن جو شڪار اصل نہ گُسي. ٿر ۾ چوڻي آهي ”بندوق جو ڌڪ گُسي وڃي پر ساو گُگھ نہ گُسي.“[1]

گهگه پکي Greater Coucal
گهگه پکي Greater Coucal
Centropus sinensis + Centropus toulou

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.