گھريلو تڏ
گھريلو تڏ: House Cricket:
گھريلو تڏ House cricket | |
---|---|
گھريلو تڏ جي تصوير | |
سائنسي درجا بندي |
گھريلو تڏ: ھائوس ڪرڪيٽ:اشيٽا ڊوميسٽيڪس:Acheta domesticus: گھرن ۾ ملندڙ ھڪ عام تڏ آھي جنھن جو اصل وطن اولھ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ھيو پر 1950 کان 2000 تائين اھا پالتو جانورن جي بھترين غذا ٿي وڃڻ جي ڪري پوري دنيا ۾ ڦھلجي وئي[1][2] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ چين ۽ جپان جا ماڻهو ھن تڏ کي ان جي سريلي آواز جي ڪري گھرن ۾ پاليندا ھئا.[3] آھي تڏيون ڀوري ناسي رنگ جون ھونديون آھن ۽ 16 کان 21 ملي ميٽر تائين وڌنديون آهن. نر ۽ مادي تقريبن ھڪجھڙيون ھونديون آھن پر مادين کي پيٽ جي آخري ڇيڙي ۾ آنن لاھڻ وارو ڊگھو پڇ ھوندو آھي جنھن کي آويپوزيٽر(ovipositor) چوندا آهن جنھن جي ڊيگھ 12 ملي ميٽر يا 0.47 انچن تائين ٿيندي آھي. جيڪو ڪاري ناسي رنگ جو هوندو آهي. نرم کي وري پٺيان ٻہ ميخون (cerci) ھونديون آھن [4] گھريلو تڏ جي زندگي ٻہ کان ٽي مهينا ٿيندي آھي جيڪا 26 کا 32 سينٽي گريڊ گرمي ۾ موافق آھي.اھا سياري ۾ بہ گرم جڳھن تي زندہ رھي سگھي ٿي.
تڏ جو وائرس
سنواريوآمريڪا ۽ يورپ ۾ پالتو جانورن جي کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ تڏ جي پالڻ جي صنعت جو خاتمو ٿي ويو آهي جنھن جو سبب تڏ جي فالج وارو وائرس (cricket paralysis virus) آھي ،جيڪو يورپ ۾ 2000 ۾ ۽ آمريڪا ۾ 2010 ۾ ڦھليو ان وائرس تيزي سان ڦھلجي گھريلو تڏين کي ناس ڪري ڇڏيو جنھن ڪري ان تڏ جي جاء جيميڪا جي زميني تڏ(Jamaican field cricket) ولاري وئي جنھن ۾ ان وائرس سان مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت آهي [5]
گھريلو تڏ بطور انساني خوراڪ
سنواريوگھريلو تڏين جي پالنا انساني خوراڪ لاء بہ ڪئي وڃي ٿي [6] ان جو ڀڳل ٻوڙ غذائيت سان ڀرپور ھوندو آھي پر ٿائيلينڊ ۾ ان جو وڪرو اونھي تيل ۾ تري ڪيو ويندو آهي [7][8] انھن کي پيھي انھن جو اٽو بہ ٺاھيو ويندو آهي[9] ٻين جيتن وانگر ھن تڏ ۾ بہ مڪمل پروٽين ھوندي آھي.ان ۾ اوميگا 3 چرٻي وارو تيزاب ۽ اوميگا 6 چرٻي وارو تيزاب ھوندا آھن [10]سانچو:Medcn
Serving size: 1 1/2 cup (30g) | ||
Quantity per Serving | ||
---|---|---|
ڪيلريون | 150 | گرام |
ٽوٽل چرٻي | 6 | گرام |
سيچريٽيڊ چرٻي | 2.3 | گرام |
ٽرانس چرٻي | 0.05 | گرام |
ڪولسٽرال | 50 | ملي گرام |
سوڊيم | 100 | ملي گرام |
ٽوٽل ڪاربوھائڊريٽس | 6 | گرام |
غذائي فائبر | 6 | گرام |
پروٽين | 18 | گرام |
وٽامن ڊي | 0.22 | ملي گرام |
ڪئلشيم | 38.5 | ملي گرام |
لوھ | 1.6 | ملي گرام |
پوٽيشيم | 273 | ملي گرام |
حوالا
سنواريو- ↑ Walker TJ. "House cricket, Achetus domesticus". Featured Creatures. University of Florida/IFAS.
- ↑ Galloway, Vickie (January 1998). "Raising Crickets". Scarabogram (Scarabs: The Bug Society) (213): 2–3. http://crawford.tardigrade.net/bugs/cricketsuppl.html.
- ↑ Kulzer, Louise (March 1998). "House Crickets". Scarabogram (Scarabs: The Bug Society) (215): 2–4. http://crawford.tardigrade.net/bugs/BugofMonth31.html.
- ↑ "Breeding Crickets". Herp Center. حاصل ڪيل 2010-07-08.
- ↑ Rosemary Parker. "Following Cricket Paralysis Virus catastrophe, Top Hat Cricket Farm in Portage rebuilds it business". Michigan Live.
- ↑ Here's Why You Should Start Eating (More) Bugs https://www.huffingtonpost.com/2014/02/10/eating-bugs-food_n_4726371.html?slideshow=true#gallery/310345/0 آرڪائيو ڪيا ويا 10 February 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ http://www.fao.org/docrep/017/i3246e/i3246e.pdf
- ↑ https://www.cnet.com/news/edible-insects-crickets-mealworms-farm-protein/
- ↑ http://fortune.com/2014/07/18/bugs-in-your-protein-bar-are-edible-insects-the-next-food-craze/
- ↑ https://www.huffingtonpost.com/marlon-doll/five-reasons-to-eat-crick_b_13939920.html
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-20
- ↑ https://criknutrition.com/pages/why-cricket-protein-powder
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-08-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-20