گھاگھر
گهاگهر:
چوندا آهن ته ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت“، ڪچهري ۾ جي ڪو ڪافين چوڻ وارو اچي نڪرندو هو، ته وڄت لاءِ پڪواز جي به ضرورت پوندي هئي، پر پڪواز جو هر هنڌ وري ملڻ مشڪل. پوءِ چوندا هئا ته ادا ڪو دلوئي کڻي ٺڙڪائي. بس اتان ٿي دلي جو رواج پيو. پوءِ ته اهو دلو وڄائڻ ايترو ته مشهور ٿيو، جو ڀلي کڻي ڳائڻ واري سان پڪواز جي سنگت به هجي، پر گهڙو به ضرور گڏيندا، ۽ سچ ته گهڙو يڪتاري، پڪواز ۽ ڏنڊي سان لئي به واه جي ٿو ڪري، پهرين ته معمولي ٺڪر جو دلو وڄائيندا هئا پوءِ اهو دلو ٿيو گهڙو ۽ گهڙو ٿي گهاگهر، اهو رڳو نالي جو ئي ڦير آهي،پر بناوت ۾ به ڦير قيندو ويو. پهرين ننڍو دلو هوندو هو، پوءِ خاص وڄائڻ لاءِ انهيءَ کي وڏو ڪري ٺاهيو ويو، پوءِ انهيءَ کي اڃا به وڏو ڪري ٺاهيائون. ۽ نالو رکيائونس گهاگهر. وڄائڻ وارا هڪ هٿ گهاگهر جي منهن تي رکندا آهن، ۽ ٻيو هٿ پاسي تي، پوءِ واري سر تار آهر، ٻنهي هٿن سان وڄائيندا آهن. ڪاريگر ته گهاگهر تي سڀ تار به وڄائي ويندا آهن، ۽ سهڻا ٽڪا ۽ پنجا به رکي ويندا آهن. اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪافين سان گهاگهري وڄائڻ جو عام رواج آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}